عمران خان ۽ شاهد آفريدي جي آل رائونڊر جوڙي بهترين ڊريم پيئر قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي جاري ڊريم پيئر مهم ۾ هاڻوڪي وزيراعظم ۽ 1992 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان عمران خان ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي جوڙي مقبول ترين آل رائونڊر پيئر بڻجي اڀري آهي.

پي سي بي ڊيٽلر مهم جي جي آل رائونڊر ڪيٽيگري ۾ ڪُل 8 لک کان وڌيڪ سوشل ميڊيا واهپيدار متحرڪ نظر آيا، جن پنهنجي خواهشن جو اظهار ڪندي عمران خان ۽ شاهد آفريدي جي تصوراتي جوڙي کي خوب ساراهيو.

ان دوران شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق جي جوڙي مقبوليت ۾ ٻئي نمبر تي رهي، جڏهن ته عمران ۽ عبدالرزاق جي جوڙي ٽئين نمبر تي مقبول قرار ڏني وئي.مهم ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هاڻوڪن توڙي اڳوڻن ڪرڪيٽر به حصو ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.