پاڪ-انگلينڊ ٽيسٽ سيريز ميچن جو انگ وڌڻ جا امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جولاءِ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ  ٽيسٽ سيريز ميچن جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب انگلينڊ جي ويسٽ انڊيز خلاف سيريز رد ٿيڻ جي  صورت ۾ پاڪستان جي خلاف ميچون وڌائي سگھجن ٿيون ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچن جو انگ 4 کان 5 ڪري سگھجي ٿو.

ذريعن موجب 3 بدران 4 ٽيسٽ ميچز ٿيڻ جي صورت ۾ سيريز جي شروعات 24 جولاءِ کان برمنگھم ۾ ٿيندي.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين وچ ۾ وڊيو ڪانفرنس ميٽنگ 15 مئي ٿي ٿيندي.

ان حوالي سان  بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي انگلينڊ دوري کان اڳ سمورين احتياطي تدبيرن ۽ صورتحال  جائزو وٺندي جڏهن ته حڪومت کان به دوري جي حوالي سان گائيڊ لائين ورتي ويندي.

ذريعن موجب سيريز جي آپشنز جي حوالي سان اڃا ڪجهه به حتمي نه آهي، ٻئي بورڊز سيريز ان حوالي سان معاملن تي غور ڪنديون.

هوڏانهن ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دوري جي حوالي سان مونجهاري جو شڪار آهي ان کي انگلينڊ جي خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ٻن هنڌن تي بند دوازن ۾ ڪرڪيٽ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.