يوٽيوب طرفان پاڪستان کي وبا جي آگاهي لاءِ 50 لک ڊالرن جي اشتهاري گرانٽ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) يوٽيوب پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي باري ۾ آگاهي لاءِ 50 لک ڊالر جو اشتهاري گرانٽ ڏيندو.

وزير اعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ يوٽيوب جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر سوسن ووجڪي چيو ته گوگل ۽ يوٽيوب هاڻ ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي شهرين ۽ واپار جي لاءِ مدد ڪندو رهندو.

خط ۾ چيو ويو ته ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪمپيون ملڪ ۾ مقامي اختيارين جي ذريعي انفارميشن پينلز ۽ الرٽس جي ذريعي ڪورونا وائرس جي باري ۾ ڄاڻ پکيڙڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته گوگل هڪ مائيڪرو سافٽ به لانچ ڪئي آهي جيڪا ان وقت ظاهر ٿيندي جڏهن ڪو ڪورونا وائرس کي ڳوليندو.

ڄاڻايل مائيڪرو سافٽ ڪورونا بابت سرڪاري ويب سائيٽ کان ڄاڻ حاصل ڪري صارفن کي فراهم ڪندو.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گوگل گوگل ميپ جي ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا کي استعمال ڪندي ڪميونٽي موبلٽي رپورٽس به شايع ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.