صنم ماروي ٽين شادي جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪارا صنم ماروي پنهنجي ٽين شادي بابت گردش ڪندڙ  خبرن  جي ترديد ڪندي چيو آهي ته زندگي ۾ ٻيا به گھڻا ئي مسئلا آهن، ٽين شادي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

پنهنجي شادي بابت گلوڪارا  صنم ماروي پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه هوندو ته سڀ کان اڳ اوهان کي خبر پوندي.

هن چيو ته آئون حامد صاحب جي  فيملي کي به گزارش ڪيان ٿي ته مون تي رحم ڪن ۽ مون کي جيئڻ ڏين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.