ٻارن کي ٻولي سيکارڻ ۾  مدد ڪندڙ گوگل ايپ متعارف

گوگل اينڊرائيڊ لاءِ پنهنجي هڪ نئين ايپ ريڊ الونگ ايپ جي شروعاتي پهچ کي شيئر ڪيو آهي جيڪا 5 ورهين کان يا ان  کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي پڙهڻ ۾ مدد لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.

اها ايپ پاڪستان ۾ بولو جي نالي سان پلي  اسٽور تان ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿي جيڪا اردو ۽ انگلش ٻولي ڳالهائڻ ۾ ٻارن جي مدد فراهم ڪندي.

ان ايپ ۾ تصويري  فيڊ بيڪ جهڙيون تصويري ڪهاڻيون وڏي  آواز ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ ٻارن جي  حوصلا افزائي  ڪئي  وڃي ٿي ته جيئن هو  جملن کي ورجائن.

اها ايپ گوگل طرفان اسڪول بند ٿيڻ ڪري متاثر ٿيل شاگردن کي ذهني طور تي مصروف رکڻ ۽ سکڻ ۾ مدد ڏيڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.

ان ايپ ۾ پڙهندڙ دوست جو نالو ديا رکيو ويو آهي جنهن لاءِ گوگل جي ٽيسٽ ٽو اسپيچ ۽ اسپيچ ريڪونيشن ٽيڪنالوجيز کي استعمال ڪيو ويو آهي جيڪا  تعين ڪري ٿي ته ٻارن کي  پڙهڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڏکائي پيش اچي رهي آهي.

ديا طرفان سموري سيشن ۾ هاڪاري فيڊبيڪ  ڏنو ويندو آهي ۽ ٻار ديا تي ڪنهن به وقت مدد لاءِ ڪلڪ ڪري سگھي ٿو ته جيئن ڪنهن لفظ جي تلفظ  يا جملي کي ٻڌي سگھي.

ان ايپ ۾ سڄي دنيا جون ڪهاڻيون موجود آهن جڏهن ته گيمز به آهن جن ذريعي ٻار اسٽارز ۽ بيجز حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ والدين هر ٻار جي ڌار  پروفائيل  ٺاهي سگھن ٿا ته جيئن  هنن جي اڳڀرائي جو جائزو تصوير تي  ڪلڪ ڪري وٺي سگھجي.

ان ايپ ۾ خريداري يا اشتهار نه آهن ۽ سائين ان جي به ضرورت نه آهي، بس ايپ ۽ اسٽوريز کي ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو جيڪا آف لائين به ڪم ڪندي.

ان ايپ کي سڀ کان اڳ گذريل سال ڀار ت ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ پاڪستان ۾ به والدين ان کي  استعمال ڪري سگھن ٿا، جنهن ۾ انگلش، اردو، هسپانوي ۽ هندي سوڌو 9 ٻولين جي سپورٽ ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.