ڇا تمنا ڀاٽيا عبدالرزاق سان شادي ڪندي؟ ڀارتي اداڪارا وضاحت ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي من موهڻي اداڪارا تمنا ڀاٽيا اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عبدالرزاق سان شادي جي خبرن خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

سائوٿ انڊين فلمن جي مشهور اداڪارا تمنا ڀاٽيا جي حوالي سان خبرون اچي رهيون هيون ته هوءَ اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عبدالرزاق سان شادي ڪرڻ واري آهي، ٻنهي جي مڱڻي ٿي وئي آهي ۽ جلد شادي ڪندا.

تمنا ڀاٽيا وڏي عرصي کان گردش ڪندڙ اهڙين خبرن تي نيٺ پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.

اداڪارا موجب مان اڃا سنگل آهيان، ڪنهن ڏينهن اداڪار ته ڪنهن ڏينهن ڪرڪيٽر بابت افواهه ٻڌي لڳندو آهي ته مان مڙس خريد ڪرڻ نڪتي آهيان.

سندس چوڻ هو ته مان پيار جي عزت ڪيان ٿي پر پنهنجي حوالي سان بي بنياد خبرون پسند ناهن، مان سنگل ۽ خوش آهيان، في الحال منهنجا گهر ڀاتي به مون لاءِ ڪو ڇوڪرو نه پيا ڳولين.

هن اهو به واضح ڪيو ته منهنجو پيار في الحال رڳو ڪم سان آهي، جڏهن به شادي جو فيصلو ڪيم ته سڀني کي آگاهه ڪنديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.