پي سي بي ۽ پي ايڇ ايف سومر کان آفيسون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پنهنجون آفيسون سومر کان کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب پي سي بي جون آفيسون سمورن حفاظتي قدمن سان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ آفيسن ۾ رڳو ضروري اسٽاف کي گهرايو ويندو.

هوڏانهن پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري آصف باجوا جو چوڻ هو ته آفيسون کولڻ کان اڳ سمورين هدايتن تي عمل ڪيو ويندو.

سندس موجب اسٽاف لاءِ ماسڪ، هينڊ سينيٽائيزر ۽ باڊي ٽيمپريچر چيڪنگ جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سماجي وٿيءَ کي به يقيني بڻايو ويندو.

واضح رهي ته پي سي بي ۽ پي ايڇ ايف مارچ مهيني ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي آفيسون بند ڪري ڇڏيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.