پڇون آخر پڇون ڪنهن کان، اسان جو ڏوھ ڪهڙو آ

يوسف جميل لغاري

سنڌ اندر مجموعي طور سڀئي شعوري يافته ۽ پڙهيل لکيل فرد هڪ عجيب قسم جي پيڙاھ مان گذري رهيا آهن. الميو ته اِهو آهي جو هتان جي حڪمرانن جا هاٿي وانگر کائڻ وارا ڏند ٻيا آهن ۽ ڏيکارڻ وارا ڏند وري ٻيا آهن. سنڌ اندر تعليم کاتي جي  خسته حالي ڏسندي حڪومت سنڌ نون استادن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهي فيصلي کي عملي طور ثابت ڪرڻ لاءِ کين مڪمل ٽه سال لڳي ويا. اِها آهي حڪومت سنڌ جي تعليم کاتي طرف سنجيدگي. ظلم ته اِهو آهي جو 2018 ۾ اميدوارن کان نوڪري جو امتحان ورتو ويو ۽ امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي فهرست وري 2019 ۾ ظاهر ڪئي وئي. انهي وٺ وٺان ۾ هلندي، سُرندي، رڙهندي سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي آفر ته وري ڪجھ ضلعن جي ڪامياب اميدوارن کي جوائنگ آڊر به ڏنا ويا. پوري سنڌ اندر ڪو ضلعو ڪنهن کان اڳتي ته وري ڪو ضلعو پنهنجي ڀر واري ضلعي کان به پوئتي رهجي ويو. مثال جئين سکر ضلعو خيرپور کان اڳتي رهيو آفر ۽ جوائنگ ۾ ته وري خيرپور جي ڀر وارو ضلعو گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو خيرپور کان پوئتي رهيا. وري به گهوٽڪي وارن کي آڊر ملي ويا ۽ لاڙڪاڻي توڙي ڪشمور جا ڪامياب ٿيل اميدوار هن مهل تائين آڊرن جي وصول ٿيڻ لاءِ پريشان آهن.

سنڌ جي شعور سان اهڙيون مذاقون ڪرڻ هتان جا ئي حڪمران ڄاڻن. باقي ٻين صوبن ۾ تعليم کاتي جي صورتحال مڙئي چڱي آهي. هاڻ هڪ ڪجھ ضلعن جا ڪامياب ٿيل اميدوار پگهارن لاءِ پريشان آهن ته وري ٻي طرف ڪجھ ضلعن جا ڪامياب ٿيل اميدوار آڊرن لاءِ پريشان آهن. اهم ڳالھ ته اِها آهي جو هنن ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ کوڙ سارا اهڙا اميدوار به آهن جن پنهنجيون نجي ملازمتون ڇڏي ڪري هن سرڪاري ملازمت جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو. هاڻ اُنهن جي روزگار جو اُهو وسيلو به بند آهي ۽ هيڏانهن سنڌ حڪومت سرڪار سڳوري آهي جنهن کي انهن ست هزار خاندانن جي مفلسي ۽ فاڪا ڪشي جا ڪا ڳڻتي ئي ڪونه آهي. کوڙ ته اهڙا به استاد آهن جيڪي پهريان پرائمري استاد هيا ۽ انهن کي جي ايس ٽي ٿيڻ کان پوءِ انهن جو پراڻيون آڊيون بلاڪ ڪيون ويون آهن ۽ انهن جو پگهارون پڻ رڪيل آهن. اَنهن ويچارن کي پڻ لگهڻ تي رکيو ويو آهي. هي حڪومت عوام کي پريشان ڪرڻ ته ڄاڻي ٿي باقي انهن جي پريشاني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي نه اُپاءُ وٺڻ کان ٺپ نه ڄاڻي.

گذريل ڪجھ ڏينهن کان دوست سوشل ميڊيا تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته کين جلد از جلد پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته کين جلد از جلد انهن جا رُڪيل آڊر جاري ڪيا وڃن ته جئين کين اِهو اطمينان ٿئي ته هو واقعي ڪنهن روزگار سان لاڳاپيل آهن ۽ هڪڙو ٽيون طبقو پڻ آهي جن جي اها گذارش آهي ته کين پڻ حڪومتي فيصلن کي مد نظر رکندي ڀر وارن تعلقن يا ضلعي سطع تي ڀرتي ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ اندر کوڙ سارا اهڙا تعلقه آهن جن ۾ استادن جون خالي جايون رهجي ويون آهن ۽ اُنهن تعلقن مان گهربل مقدار ۾ اميدوار پاس ڪونه ٿي سگهيا آهن. ان لاءِ لازم آهي ته انهن تعلقن ۾ ڀر وارن تعلقن مان جتان ڪثير تعداد ۾ اميدوار پاس ٿيل آهن انهن کي نوڪري تي مقرر ڪيو وڃي. مطلب ته تعليم کاتي حڪومت سنڌ کي هنن ٽنهي پهلوئن تي بخوبي ويچارڻ گهرجي ۽ سنڌ جي اجتماعي شعور بالخصوص نوجوان طبقي کي مايوس  نه ڪرڻ گهرجي. اُستاد ٿيڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونه آهي پر هتان جي حڪومت استادن سان جهڙي ريت جُٺيون ڪري ٿي سا ڳالھ به ياد رکڻ جهڙي آهي.

ڪالھ نون ڀرتي ٿيل استادن جي پگهارن جي جاري ڪرڻ واري مناسبت سان هڪڙو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي. جنهن ۾ هر هڪ ڊويزن لاءِ الڳ الڳ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. انهن تاريخن تي انهن ڊويزنن جي ڊاريڪٽرن سان گڏجاڻيون منقعد ڪيون وينديون ۽ پگهارن جي جاري ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو. مون جنهن وقت نوٽيفڪيشن جو مطالعو ڪيو ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته هن وقت تائين سنڌ جي 15 ضلعن جي لاڳاپيل آفيسرن پنهنجي ڀرتي ٿيل نون استادن جي مڪمل معلومات مٿي سرڪار تائين ڪونه پهچائي آهي. ڪيڏو نه وڏو الميو آهي جو انهن ضلعن جي اميدوارن کي نوڪري ڪندي چار مهينا مڪمل ٿيڻ تي آهن. پر انهن جا ضلعي لاڳاپيل تعليمي آفيسر اگهور ننڊ ستل آهن ۽ محض انهن جي معلومات به لاڳاپيل کاتي تائين ڪونه پهچائي سگهيا آهن. اڃا ڏوھ حڪومت تي ڏجي يا پنهنجي منهن ويهي روئجي جو اسان جا پنهنجا ئي آفيسر اسان نون ڀرتي ٿيل استادن کي ڪا اهميت ڪونه پيا ڏين. اُستاد تنظيون خاص طور تي گسٽا ته نون ڀرتي ٿيل استادن جي ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. گسٽا جي عهديدارن کي رڳو عهدا کپن پر انهن کي مان ۽ مرتبو قطعي به گهربل ڪونه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.