مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ مزدورن جا حق….!

غلام مهدي لنڊ 

پهرين مئي عالمي سطح تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، هونئن ته ظالم سان مظلوم جي ٽڪر جا تاريخ ۾ کوڙ مثال ملن ٿا، پر شڪاگو جي پهرين مئي 1886ع واري مزدورن جي مثالي مظاهري سان سڄي دنيا ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي ويئي. ان ڏينهن سڀني ڪارخانن جي مزدورن ٻڌي ڪري، وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻ ۽ گھٽ اجرت ملڻ خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو.

3 مئي تي پوليس مزدورن تي گوليون هلايون، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مزدور مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. مزدورن پنهنجي مارجي ويل ساٿين جي رت ۾ ڪپڙو رڱي، جھنڊو ٺاهيو، اهو ئي ڳاڙهو جھنڊو سڄي دنيا ۾ مزدورن جي تحريڪ جو نشان بڻجي ويو. عالمي جنگين جي ڪري دنيا ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي. اقتصادي بدحالي اؤج تي پهتي ۽ سرمائيداري نظام جون ظالماڻيون سرگرميون وڌي ويون. انهن ڳالهين پورهيت تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ڏني ۽ منجھن ظلم جو احساس ڏينهون ڏينهن زور ٿيندو ويو. جنهن سان سندن اتحاد مضبوط ٿيو. اڳتي هلي هن تحريڪ کي بين الاقوامي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پٺڀرائي حاصل ٿي، جنهن ڪري ان کي عالمي اهميت ملي.

پورهيت پنهنجي انهيءَ تاريخي جدوجهد جي ابتدا شڪاگو واري واقعي کان ليکيندي، پهرين مئي تي هر سال سڄي دنيا ۾ ان جو يادگار ملهائيندا آهن. پورهيتن جي عالمي تنظيم انساني ڀلائي ۽ بهبوديءَ جي ڪوشش کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اقوامِ متحده جي قائم ڪيل مختلف ادارن مان هن اداري جو تعلق پهرين عالمي جنگ جي رد عمل سان آهي. جنگ جي ڪري سڄي يورپ ۾ پيداوار جا وسيلا متاثر ٿيا، جنهن ڪري ملڪن لاءِ انيڪ اقتصادي مسئلا پيدا ٿي پيا. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان وقت گڏيل قومن طرفان ”پورهيتن جي عالمي تنظيم“ (International Labour Organization) قائم ڪئي وئي.

ان جي متن، مقصدن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، هي به ڄاڻايل آهي ته ”هي ادارو سماجي انصاف کي زور وٺائيندو، پورهيتن جي زندگيءَ جي معيار ۽ ڪم ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو“. 1946ع ۾ اهو اقوام متحده جو پهريون معياري ۽ خاص (Specialized) ادارو بڻيو. 1969ع ۾ هن اداري کي پنجاهه سالن تائين نمايان خدمتن ڪرڻ جي اعتراف طور امن جو امتيازي انعام ڏنو ويو. پورهيتن جي ڀلائيءَ سان گڏ دنيا مان بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري جي اٿاهه واڌاري وارن مسئلن کي منهن ڏيڻ، هن اداري جا مکيه ڪم آهن. اداري جو مکيه مرڪز جنيوا ۾ آهي. ”مزدورن لاءِ موڪل“ جي هن تصور 1956ع ۾ آسٽريليا ۾ جنم ورتو. جڏهن رازن جي تنظيم ”اسٽون مسين سوسائٽي“ 18 آگسٽ 1855ع تي واپارين جي نالي سان الٽيميٽم جاري ڪيو ته 6 مهينن کان پوءِ هو، صرف 8 ڪلاڪ ڏهاڙي ڪم ڪندا. ان مطالبي جو جزوي سبب اهو به هو ته يورپي آبادگارن پاران تيزيءَ سان آسٽريليا جو رُخ ڪرڻ ڪري ان وقت تعميراتي ڪم زور شور سان ٿيڻ لڳو ۽ 6 مهينن جو مُدو ختم ٿيڻ کان پوءِ مزدور آمريڪا جي شڪاگو شهر ۾ وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ مظاهرا ڪيائون. سرمائيدار طبقو انهن جا مطالبا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري انهن مزدورن طرفان ڪيل ٻن هفتن واري اها هڙتال اثرائتي ثابت ٿي، ۽ مارچ جي شروعات ۾ اهو مطالبو قبول ڪيو ويو، جڏهن ته 22 اپريل تي ان حوالي سان عام موڪل جو اعلان به ڪيو ويو. اها خبر دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙجڻ جي ڪيترن سالن کان پوءِ ”مزدورن جي ٻي انٽرنيشنل ڪانگريس“ هي ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ پهرين مئي جي چونڊ ڪئي. ڇو ته 1886ع ۾ انهي ڏينهن مزدورن پنهنجي حقن جي خاطر شڪاگو (آمريڪا) جي سانحي ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو.

مٿي لکيل ڪجهه حصو صرف مزدورن جي عالمي ڏينهن ۽ مزدورن بابت سبب ننڍڙي ڄاڻ آهي جيڪا تقريبن هر هڪ کي خبر آهي، مزدورن جي حقن ۽ سهولتن لاءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سرڪاري ادارا توڙي سوشل ويلفيئر ٺاهيون ويون، جنهن تي تمام ملڪن ۾ عمل ٿيو ۽ سهوليتون ڏنيون ويون اهڙي پاڪستان ۾ به ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ مزدورن جون يونينون پڻ آهن، جيڪي مزدورن جي فلاح لاءِ ڪم ڪنديون آهن. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ غريب جي لڪير هيٺ آيل پورهيو ڪندڙ مزدور نه صرف پنهنجي ڏهاڙي گهٽ وٺندا آهن پر سرڪاري ٽائيم 8 کان 9 ڪلاڪ هجڻ باوجود مجبوري سبب 10 کان 12 ڪلاڪ بہ ڪم ڪندا آهن، جنهن جو سبب صرف ۽ صرف مجبوري ۽ غربت آهي، گهٽ پگهار ۽ وڌيڪ وقت ڪم ڪندڙن ۾ ڪيترائي ئي مثال آهن جن ۾ ڪپڙي، گارمينٽس، جنرل اسٽور، ٿانون جي دڪانن سميت ڪچوري، حليم، برياني، بيڪري، آٽوز ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا دڪان آهن جتي ڪم ڪندڙ پورهيت سرڪاري وقت کان وڌيڪ وقت ڏيندا آهن پر انهن جي پگهار يا ڄهاڙي نامناسب هوندي آهي.

اهڙي طرح چانھ جي ننڍن هوٽلن تي ته فڪس ڏهاڙي جو تصور تمام گهٽ هوندو آهي، اتي بيٺل بيري کي ٽوڪن تي رکيو ويندو آهي، مطلب في ڪٽ يا فل چانھ تي يا وري ڪمائي تي ان کي ڪميشن ملندي آهي پر هو خوشي خوشي ڪم ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته في چانھ تي 2 رپيه ۽ ڪٽ تي 1 رپيو ڪميشن هوندي آهي، جنهن سان هو تمام گهڻي گهراڪن کي سروس ڏيڻ چاهيندو آهي ته جيئن هو ڪجهه وڌيڪ ڪمائي سگهي.

اهڙي طرح ٻيا کائڻ پيئڻ جا هوٽل به ويٽر کي ڪميشن ڏيندا آهن ۽ پاڻي واري کي وري ويٽر پنهنجي ڪمائي مان خرچي به ڏيندو آهي ۽ هوٽل پاران هن کي صرف هڪ 3 سو کان 1 سو جي وچ ۾ ڄهاڙي ڏني ويندي آهي. هوٽلن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جا ڪيترائي قسم آهن، مثال طور ماني وارو، چانھ وارو، مئنيجر، سپروائيزر، ٿانون وارو ۽ بورچي. پاڪستان ۾ EOBI (Employees’ old-age Benefits Institution) ادارو به قائم آهي جيڪو مزدورن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندو آهي، ان اداري جو مقصد اهو آهي ته جتي به ڪو مزدور ڪم ڪندو هجي ته ان جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ ان اداري ۾ مزدورن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون پاس ٿيل آهن، جن ۾ مزدور جي ٻار کي پڙهائي جو خرچ، نياڻي جي شادي لاءِ معاوضو، سوشل سڪيورٽي توڙي ٻيا ڪيترائي قانون پاس ٿيل آهن، پاڪستان جي قانون موجب اگر ڪنهن به جگهه تي 5 کان وڌيڪ مزدور ڪم ڪري رهيا آهن ته ته انهن جي فوري رجسٽريشن ڪري سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان سان گڏوگڏ هڪ اها به ڄاڻ ڏيندو هلان ته EOBI جي قانون مطابق في مزدور 1 سو ۽ ڪجهه رپيا جڏهن ته مالڪ کي 6 سو ۽ ڪجهه رپيا اداري ۾ جمع ڪرائڻ لازم هوندو آهي، جن پئسن مان رٽائرڊ مزدورن کي پينشن ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون آهن. هاڻي جيڪڏهن لاڙڪاڻي جي صرف ڳالھ ڪجي ته ذريعن موجب لاڙڪاڻي ۾ ساڍا ٽي سو کان وڌيڪ هوٽل آهن جن ۾ صرف چار هوٽل ۽ ڪل 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهو رجسٽرڊ آهن ۽ ٻين ڍنڍن جا ڪيترا مزدور رجسٽرڊ آهن اها ڪا به ڄاڻ ڪو نه آهي.

هاڻي جيڪڏهن حڪومت هن لاڪ ڊائون واري ڏينهن ۾ ڪو به مزدورن لاءِ پئڪيج ٺاهيدي ته اهو پئڪيج ڏنو ڪهڙي مزدورن ويندو؟ وفاق هجي يا سنڌ حڪومت ٻنهي مان ڪنهن به مزدور طبقي کي سيريس نه ورتو آهي، عالمي وبا سبب لڳايل لاڪ ڊائون ۾ مزدورن کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو آهي. اڄ پهرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي، هن ڏينهن جي ڪوريج اسان صحافي هر سال ڪندا آهيون پر مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به مزدورن کي ڪم ڪندي ڏسندا آهيون، پر مزدورن جي عالمي ڏينهن تي موڪل ڪري ريليون ڪڍي روڊن تي ايندڙ سياستدان، سماجي تنظيمن جي ماڻهن، توڙي ٻين کي ته ڏسندا آهيون پر اگر نه ڏسندا آهيون ته مزدور آهي، جيڪو عالمي ڏينهن کي ملهائڻ بدران ڪم تي وڃي پنهنجي ٻچڙن لاءِ لوڙهيندو آهي. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي مزدورن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائي تمام مزدورن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن قانون موجب هر مزدور پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو مستقبل روشن ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.