گوگل جي وڊيو ڪانفرنسنگ سروس سڀ لاءِ مفت دستياب

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل مشهور وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي خلاف پنهنجو اهم ترين هٿيار گوگل ميٽ جي شڪل ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي هاڻ واهپيدار مفت استعمال ڪري سگھندا.

ڪمپني اعلان ڪوي ته مئي کان گوگل ميٽ کي اهي سڀئي ماڻهو مفت استعمال ڪري سگھندا جن جو جي ميل اڪائونٽ هوندو.

خيال رهي ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران زوم جي واهپيدارن جو انگ ڪجهه مهينن دوران هڪ ڪروڙ کان وي 20 ڪروڙ تائين پهچي ويو هو ۽ ان کي ڏسي گوگل اعلان ڪيو آهي ته هن جو پريميئم وڊيو ڪانفرنسنگ سافٽ ويئر گوگل ميٽ هاڻ هر هڪ لاءِ مفت هوندو.

ڪمپني موجب گوگل ميٽ کي مفت ڪيو پيو وڃي ۽ ان ذريعي 100 ماڻهن تائين جي وڊيو ميٽنگ گوگل ميٽ جي ويب سائيٽ، آءِ او ايس يا اينڊرائيڊ ايپ تي ممڪن ٿي سگھندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.