سڪرنڊ واسي انجنيئر جو هڪ ٻيو ڪارنامو، سينيٽائيزر گيٽ تيار ڪري ورتو

 

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ۾ ڳوٺاڻي انجنيئر راحيل سرور خاصخيلي طرفان تيار ڪيل سينيٽائيزر گيٽ ڳوٺ ۾ لڳايو ويو.

سڪرنڊ جي ڳوٺ خميسو خاصخيلي جي رهواسي نوجوان انجنيئر راحيل سرور خاصخيلي پنهنجي سائنسي صلاحيتن جي بنياد تي ڳوٺ ۾ سينيٽائيزر گيٽ قائم ڪيو آهي، جنهن مان ڳوٺاڻا پاڻ کي سينيٽائيز ڪري رهيا آهن.

ان ڏس ۾ انجنيئر راحيل خاصخيلي جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ نه ته ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن، نه وري ڪي جاڳرتا پروگرام ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته مارڪيٽ ۾ ملندڙ سينيٽائيزر گيٽن هي گيٽ بلڪل مختلف آهي، هي گيٽ سمارٽ ڪارڊ جي ذريعي توهان جي اندر جي درجه حرارت، ٻاهرين درجه حرارت ۽ ان جي سڃاڻپ به ڪري سگهي ٿو.

واضح رهي ته انجنيئر راحيل سرور خاصخيلي اڳ به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي هڪ ليڊيز سينڊل ايجاد ڪئي هئي، جنهن سان ڪنهن به امڪاني نقصان، هراسمينٽ يا اغوا جي صورت ۾ سينڊل ۾ لڳل سسٽم مائٽن ۽ پوليس تائين ڄاڻ پهچائي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.