غربت بابت مستقل سروي جي ضرورت!

ڪائنات جي مالڪ انسان جو جسم اهڙو ته مظبوط ٺاهيو آهي جو پنهنجي جسماني طاقت سان پنھنجو ڪمائي پاڻ کائي سگهي ٿو. عام حالتن ۾ ماڻهو تقريبن ڪو ڪم ڪار ڪري پنهنجي گهر جو گاڏو آسانيءَ سان هلائيندو آهي. موجوده حالتن ۾ جتي قدرتي وبا سموري دنيا کي سوڙهو ڪيو آهي اتي ترقي يافته ملڪ پنهنجي ماڻهن کي لاڪ ڊائون ڪري انهن کي گهرن تائين محدود رکي با آساني انهن کي گهرن تائين کاڌي پيتي جون شيون سرڪار پاران مهيا ڪيون ويون. انهن سڌريل ملڪن لاءِ جهڙوڪ ائين ٿو لڳي ته انهن جو مقابلو صرف ڪورونا وائرس سان ئي آهي. پر پاڪستان جهڙن پوئتي پيل ڪيترن ملڪن جو مسئلو صرف ڪورونا وائرس نه آهي بلڪه بک ۽ غربت به انهن ملڪن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ پاسي ڪورونا وائرس جو پکڙجڻ ته ٻئي پاسي لاڪ ڊائون جي ڪري روز ڪمائڻ روز کائڻ وارن جو بک وگهي حال بي حال ٿيڻ. ڪيترن ئي هنڌن تي غربت جي ڪري اسان کي خودڪشي جا واقعا ڏسڻ ۾ آيا. جن پنهنجي گهر جو گاڏو نه هلڻ ڪري پنهنجي زندگين جو ڏيئو جلائي ڇڏيو. ٻه ڏينهن اڳ اها خبر رپورٽ ٿيل هئي  ته ٽنڊوباگو ۾ غربت سبب غريب پورهيت زال سان گڏ آپگهات ڪري ڇڏيو. زال مڙس ته پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کنيو پر ان جي اولاد جو ڇا ٿيندو جن جو سهارو پيءُ ماءُ هئا. رپورٽ ۾ اهو به هو ته سندن کي چئن ٻارن جو اولاد هو. ڪيڏو نه ڏکائيندڙ واقعو آهي جو ٻڌندي ئي لڱ ڪانڊارجي ٿي وڃن، هاڻي نه صرف اولاد بک وگهي تڙپندي بلڪه پيءُ ماءُ جي شفقت کان به محروم ٿي ويا. پر سرڪار جي بي وسي تي به اسان کي ڏک ٿو ٿئي ته هنن حالتن ۾ غريبن لاءِ ڪجهه ڪري ڇو نٿي؟

قدرتي آفتون ڪا نئين ڳالهه نه آهن جو اسان چئون ته ڪو اهو نئين مان ٿيو آهي جو اسان تڪڙ ۾ ڪهڙا اپاءَ کڻي پئي سگهيا سين البته ٻين قدرتي آفتن ۽ هن مسئلي ۾ ايترو فرق ضرور آهي ته هن ۾ ميل جهول، ڪنهن به قسم جي گڏجاڻي توڙي ڪنهن ضروري ڪم کانسواءِ ڪنهن کي ٻاهر نڪرڻ جي به اجازت نه آهي. 2005 جو زلزلو، 2010 جي ٻوڏ اهي قدرتي آفتون آهن جيڪي اسان جي ويجهڙائي ۾ ٿيون آهن. غربت، بک، بدحالي سان گڏ ڪورونا وائرس هڪ عجيب امتحان آهي. وري سرڪار جو حال اهو آهي ته غريبن جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ ائين هڙپ ڪري ويندا جو اوڳرائي ئي ڪونه ڏيندا. هنن حالتن ۾ هونئن ته اسان کان جيترو ٿي سگهي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي مورڳو اسان کي جتان وارو لڳندو بابي جي ملڪيت سمجهي غريبن جي مال کي هڙپ ڪري وينداسين. ايتري حالت آهي جو 2010 واري ٻوڏ ۾ اربين روپيا هڙپ ٿي ويا ۽ جيڪو سامان ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻو هو يا ته اهو مدي خارج ٿي ويو جيڪو بعد ۾ اسان کي گند جي ڍيرن تي پيل نظر آيو يا ته سرنديءَ وارن کي اهو سامان ڀڳڙن جي مٺ تي ڏنو ويو. هنن قسم جي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ته مخصوص حل اهو هجي ته ان کي منهن هن طريقي سان ڏئي سگهجي ٿو ٻيو ته ان آفت جي ڪري ڪير متاثر ٿي سگهي ٿو ان لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ سروي جي ضرورت آهي. جيڪا شفاف ۽ غير سياسي هجي. غربت سروي ٿيل هجڻ جو اسان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو اهو ٿيندو ته هنن حالتن ۾ اسان کي انهن تائين مدد پهچائڻ ۾ نه صرف آساني ٿيندي بلڪه جلدي ۾ ضرورت مندن تائين ان جي رسائي ممڪن ٿيندي.

پوء هنن حالتن ۾ صوبا ۽ وفاق هڪ ٻئي تي الزام نه هڻي سگهندا ته اسان کي نادرا ڊيٽا نه ڏني تنهنڪري اسان کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڻ وٽ وفاقي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جا ادارا جڙيل آهن. مونکي اها خبر ناهي ته انهن ادارن جو ڪم ڇا آهي ۽ ادارا ڪهڙو ڪم سرانجام انجام ڏيندا آهن پر نالي ۾ جيڪو لڳي ٿو ته ته هي ادارا قدرتي آفتن جي حوالي سان آهن. ته پوءِ هي ادارا اهو ڪم ڇو نٿا ڪن ته هڪ غربت سروي ڪرائي ڇڏين جيڪا مستقل بنيادن تي هجي. ۽ اگر هي ادارا اهو نٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن ادارن جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته مستقل بنيادن تي غربت سروي ڪرائي وڃي ته جيئن ضرورت وقت نه صرف وقت بچي سگهي بلڪه ضرورت مندن جي ئي مدد ڪري سگھجي باقي هنن حالتن ۾ ته حقدارن کي 30% به مدد نٿي ملي باقي سرندي وارا اها مدد حاصل ڪري ٿا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.