سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب هڪ لک 66 هزار ماڻهو فوت، 24 لک متاثر

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ وائرس سبب گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک 66 هزار ماڻهو فوت جڏهن ته 24 لک کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيل فوتگين ۽ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين گڏيل طور تي هڪ لک 66 هزار 235 ڄڻا وائرس سبب موت جو شڪار ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت، برطانيا ۾ به واڌ

سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آمريڪا ۾ ٿيون آهن جتي هن وقت تائين 35 هزار 314 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته 7 لک 61 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

برطانيا ۾ به هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ فوتگيون ۽ متاثر وڌندا پيا وڃن ۽ هن وقت تائين گھٽ ۾ گھٽ 16 هزار 60 ماڻهو فوت ۽ هڪ لک 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

برطانوي وزيراعظم  بورس جانسن جي تجمان چيو آهي ته پابندين جي خاتمي ۽ سماجي وٿي جي حوالي سان نرمي ڪرڻ کان اڳ اسان کي ان ڳالهه جو يقين ڪرڻو پوندو ته وائرس جي ٻِين لهر نه ايندي.

ترجمان چيو ته سڀ کان وڏو خطرو وائرس جي ٻين لهر آهي ڇو جو جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان جي صحت جي نظام کي گھڻو نقصان ٿيندو ۽ سڀ کان وڌيڪ ناڪاري اثر اسان جي معيشت تي پوندا.

هن چيو ته جيڪڏهن اسان جلدبازي ڪئي ته وائرس ٻيهر انتهائي تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿيندو تنهنڪري پابنديون هٽائڻ کان اڳ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻوپوندو ته وائرس ٻيهر نه پکڙبو.

اسپين ۾ متاثرن جو انگ 23 لک کان ٽپي ويو

يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ اسپين آهي جتي متاثرن جو انگ 2 لکن کان وڌي ويو آهي.

اسپين جي صحت وزارت موجب 5 هزارن کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد وائرس سبب متاثرن جو انگ 2 لک 210 ٿي ويو آهي ۽ هاڻ وائرس متاثر ملڪن جي فهرست ۾ اسپين، آمريڪا کان پوءِ ٻيون وڏو ملڪ آهي.

اٽلي ۾ عوام جي نفسياتي جاچ جو مطالبو

اٽلي وائرس سبب گھرن ۾ بند ماڻهن تي لاڪ ڊائون جي اثرن جي جاچ لاءِ سائنسدانن عوام جي نفسياتي ٽيسٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اٽلي يورپ جو اهو ملڪ آهي جتي سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن جتي هن وقت تائين 23 هزار 660 موت ۽ هڪ لک 78 هزار متاثر آهن.

اطالوي سائنسدانن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عوام جي نفسياتي ٽيسٽ ڪئي وڃي ته جيئن نه رڳو هن وقت ان لاڪ ڊائون جي ماڻهن تي پيل اثرن جي جاچ ٿي سگھي پر اها به جاچ ٿي سگھي ته ماڻهن کي ڪيستائين گرن ۾ رکي سگھجي ٿو.

اٽلي ۾ 6 ڪروٽ کان وڌيڪ ماڻهو گھرن ۾ محدود آهن ۽ کين ڪنهن سبب کان سواءِ گھرن کان 200 ڪلوميٽر پري وڃڻ جي اجازت نه آهي.

نيدرلينڊ ۾ وڌيڪ موت

نيدرلينڊ ۾ وڌيڪ 67 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 3 هزار 751 ٿي چڪو آهي.

نيشنل انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ هيلٿ موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 750 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ وائرس جو شڪار ماڻهو جو انگ 33 هزار 405 ٿي چڪو آهي.

سنگاپور ۽ ڀارت ۾ ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ

هوڏانهن سنگاپور ۽ ڀارت ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ تيز سان واڌ ٿي رهي آهي جتي سنگاپور ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر هڪ هزار 426 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي جيڪو هن وقت تائين ڏينهن ۾ وائرس سبب متاثرن جو سڀ کان وڌو انگ آهي.

سنگاپور جي صحت وزارت موجب ملڪ ۾ هن وقت تائين 8 هزار 14 مريضن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي اهي ۽ نوان رپورٽ ٿيل اڪثر ڪيس پرڏيهه کان آيل ماڻهن ۾ آهن.

ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جا رڪارڊ 1553 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد گڏيل انگ 17 هزار 187 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته هن وقت تائين ڀارت ۾ فوتين جو انگ 543 ٿي ويو آهي.

بيلجيم ۾ وائرس جو عروج گذري ويو

بيلجيم به يورپ ۾ وائرس متاثر ملڪن مان هڪ آهي پر بيلجيم اختيارين چيو آهي ته ملڪ ۾ وائرس جو عروج گذري چڪو آهي ۽ هاڻ اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ مريضن ۾ گھٽتائي آئي آهي.

اڄ بيلجيم ۾ 232 ڄڻن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي .

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ڪائونسل جي ترجمان ايمينوئل آندري  پريس ڪانفرنس ڪندي ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته اسان درست رخ ۾ هلي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري رکنداسين.

هن چيو ته اسان اهو چئي سگھون ٿا ته هوريان هوريان وائرس ڪنٽرول ٿي رهيو آهي ۽ هاڻ اسان سخت لاڪ ڊآئون جي خاتمي طرف وڃي سگھون ٿا.

سوئٽزرلينڊ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اشارو

سوئٽزرلينڊ ۾ وڌيڪ 204 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديقي ٿيڻ بعد هاڻ ملڪ ۾ وائرس متاثرن جو انگ 27 هزار 944 ٿي چڪو آهي.

سوئٽزرلينڊ جي صحت وزارت موجب ملڪ ۾ وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 1 هزار 142 ٿي چڪو آهي ۽ اسان گھٽجندڙ ڪيسن جي شرح کي ڏسندي 27 اپريل کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري سگھون ٿا.

ايندڙ سال به اولپڪس ٿيڻ جا امڪان گھٽ

هوڏانهن جاپان جي سائسندانن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ايندڙ سال به اولپمڪس ٿيڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.

جاپان جي پروفيسر ڪينتارو ايواتا پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن آئون اوهان کي سچ ٻڌايان ته منهنجي خيال ۾ ايندڙ اسال به اولمپڪس ٿيڻ ممڪن نه هوندو.

هن چيو ته اولپمڪس لاءِ ٻه شيون سڀ کان اهم آهن، پهرين اها ته جاپان ۾ وائرس ڪنٽرول ٿئي ۽ ٻيو اهو ته ڪوو-19 کي سڄي دنيا ڪنٽرول ڪري.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب غير يقيني صورتحال سبب انتظاميا لاءِ ايوينٽ ڪرڻ خطري کان خالي نه هوندو خاص ڪري اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ سال تائين ڪا به ويڪسين ايجاد نٿي ٿئي.

ايران لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي

هوڏانهن ايران ۾ فوتگين ۾ وڌيڪ واڌ باوجود پابندين ۾ ترمي ڪندي هاءِ وي ۽ مک شاپنگ سنيٽر کولڻ جي اجازت ڏني وئي اهي ته جيئن وائرس جي معيشٽ تي پوندڙ ناڪاري اثرن کي ڪجهه گھٽ ڪري سگھجي

ايران وچ اوڀر ۾ وائرس سبب سڀ اکن وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ آهي جتي  هن وقت تائين 5 هزار 209 ماڻهو فوت ۽ 83 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر رهيا آهن جيتوڻيڪ گذريل هفتن دوران نوان ڪيس رپورٽ ٿيندڙ ڪيسن ۾ تيزي سان گھٽتائي آئي آهي.

ناروي جي ايئرلائين نارويئن ايئر چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ڪري کين سوئيڊ ۽ ڊينمارڪ ۾ ماتحت ڪمپنيون ڏيوالي جو  شڪار ٿي ويون آهن جنهن سان 4 هزار 700 پائليٽ ۽ عملي تي اثر پوندو.

روس ۾ اڃا وائرس جو عروج ناهي آيو.

هوڏانهن روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته روس ۾ وائرس اڃا عروج تي ناهي پهتو ۽ اصل خطر اڃا اچڻو آهي.

روس ۾ هن وقت تائين 47 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا ظاهر ٿيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ فوتين جو 405 آهي.

اسرائيلي وزيراعظم خلاف مظاهرا

اسرائيلي وزيراعظم تي ڪورونا وائرس جهڙي وبا کي سياسي ۽ حڪومتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي الزام خلاف اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ هجوم تي پابندي باوجود هزارين ماڻهن طرفان مظاهرا ڪيا ويا.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جيتوڻيڪ هن وقت چونڊيل وزيراعظم نه آهي پر اتان جي قانونن موجب جيستائين چونڊيل وزيراعظم عهدو نه سنڀاليندو، تيستائين اڳوڻو وزيراعظم ئي ذميواريون سنڀالي سگھي ٿو.

ملڪ ۾ ماڻهن جي اجتماع تي پابندي باوجود ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر تل ابيب ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 هزار ماڻهن وزيراعظم خلاف ٿيل مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.

رپورٽ موجب جيتوڻيڪ ڄاڻايل مظاهرن جو مقصد حڪومت طرفان ڪورونا وائرس دوران مناسب قدم نه کڻڻ ۽ ماڻهن کي رليف فراهم نه ڪرڻ خلاف مظاهره ٿيا، پر ان ۾ نيتن ياهو جي ڪرپشن ۽ وبا کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ خلاف به نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرو ڪندڙ سياستي جماعت يش عتيد جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته حقيقت ۾ نيتن ياهو ڪورونا وائرس جي وبا کي پنهنجا اختيار وڌائڻ، سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڪرپشن جي ڪارروائي کان پري رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

انڊونيشيا ۽ ملائشيا ۾ صورتحال درست رخ ۾ هلڻ لڳي

انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس جا 185 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن سان ملڪ ۾ وائرس متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 6 هزار 760 ٿي چڪو آهي.

بنگلاديش ۾ هڪ لک ماڻهو گڏ ٿيڻ کان پوءِ لاڪ ڊائون ۾ سختي

هوڏانهن بنگلاديش ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن طرفان جنازي جماز ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪئي وئي آهي.

بنگلاديش جي مذهبي جماعت خلافت مجلس جي نائب سربراهه ۽ مشهور عالم زبير احمد انصاري جي جنازي نماز ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک ماڻهن جي شرڪت تي پاڻ پوليس ۽ مقامي انتظاميا به حيران رهجي وئي.

جن 7 ڳوٺن جي ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي انهن کي 14 ڏينهن تائين مستقل گھرن ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن وائرس متاثر ماڻهن جي نشاندهي ٿي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.