ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گڏيل طور 1179 ڄڻا فوت، 56967 تصديقي مريض

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1179 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو گڏيل انگ 56967 تائين پهچي ويو آهي.

هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 408 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 369 ۽ پنجاب ۾ 337 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 40، اسلام آباد 16، گلگت بلتستان ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا وڌيڪ 676 ڪيس ۽ 15 فوتگيون سامهون آيون جنهن مان سنڌ ۾ 443 ڪيس ۽ 2 فوتگيون، اسلام آباد مان 49 ڪيس ۽ 2 فوتگيون، خيبرپختونخواهه مان 175 ڪيس 10  آزاد ڪشمير مان 12 ڪيس ۽ 1 فوتگي رپورٽ ٿي آهي.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ سومر ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 443 نوان ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 22934 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ لاڏاڻو ڪندڙ مريضن جو گڏيل انگ 369 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن 1852 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 443 جا نتيجا مثبت آيا جڏهن ته اڄ 614 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن.

مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته نون مريضڻ جو انگ صحتياب ٿيلن کان گهٽ آهي ۽ هن وقت تائين گڏيل طور تي 7973 ڄڻا گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.

اسلام آباد:

وفاقي راڄڌاني مان اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 49 ڪيس سامهون آيا ۽ 2 فوتگيون به ٿيون جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيون ويون آهن.

پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1641 جڏهن ته فوتگيون 16 ٿي چڪيون آهن.

اسلام آباد ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا 152 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي جنهن کي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيو ويو آهي.

حڪومتي انگن اکرن موجب علائقي م ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 209 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هن وقت تائين وائرس مان 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هن وقت تائين 97 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ آچر جي ڏينهن ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 3 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 7 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان ۾ گذريل ڏينهن وائرس جا وڌيڪ 12 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ علائقي ۾ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 619 ٿي ويو آهي جڏهن ته 437 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

پنجاب:

پنجاب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتگين جو گڏيل انگ 337 تائين پهچي ويو آهي.

صوبائي ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي موجب پنجاب ۾ متاثر مريضن جو انگ 20077 ٿي ويو آهي.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ آچر ڏينهن ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ ٻيو مريض لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو ڪل انگ 40 ٿي ويو آهي.

صحت واري صوبائي کاتي موجب ذريل ڏينهن 101 نوان ڪيس به رپوٽ ٿيا جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو گڏيل انگ 3407 ٿي ويو آهي.

بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر 875ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 175 ڪيس سامهون آيا ۽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان صوبي ۾فوتين جو گڏيل انگ 408 ٿي ويو آهي.

صوبائي صحت واري کاتي موجب صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 8080 تائين وڃي پهتو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 2529 ماڻهو ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.