ڪرونا وائرس ۽ نوجوانن جو ڪردار

حسيب لطيفي

ڇو ته اسان جي سنڌ هميشه پيار، محبت ۽ مهمانوازي طور ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گھڻي مقبول رهي چڪي آهي ۽ آهي، الله پاڪ اسان جي صوفين جي سرزمين کي معدني وسيلن توڙي زراعت سان مالا مال ڪيو آهي، صوفين جي سرزمين سونهاري سنڌ ۾ هميشه صرف پيار ملندو ۽ جتي ڪٿي صرف امن ۽ محبت جون ڳالهيون هلنديون هيون، ڪو دور هو جو سنڌ ۾ ڪنهن وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته ان جو دل سان احترام ڪيو ويندو هو ۽ اجرڪ، ٽوپي، پنڊي، پنکو، ٽڪ جي رلي ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويندا هئا ته جيئن هن جي دل ۾ به محبت پيدا ٿئي ۽ ويڇا نه ٿين، پر افسوس اڄ صوفين جي سرزمين کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جو جتي پيار ۽ محبت جون ڳالهيون هلنديون هيون. اڄ ڀاڪر پائي ملي ته نٿا سگهون پر هٿ ملائڻ کان به پري ٿي ويا آهيون، جيڪڏهن ڏسجي ته نوجوان اسان جي معاشري ۾ روشن ڏيئي جيئان آهي، ان جو ڪردار تمام گھڻي اھميت رکي ٿو، اهڙو ئي هڪ مثال اسان کي حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ ملي ٿو، جتي هڪ نوجوانن جي جوڙيل تنظيم حيدرآباد نوجوان اتحاد ڪورنا وائرس جي وبا سان مقابلي لاءِ سڀني سياسي جماعتن کان اڳيان نظر اچي ٿي، انهن نوجوانن حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ ڪرونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ علائقي ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀرپور آگاهي مهم هلائي نه صرف ايترو پر هن محل تائين هزارين ماڻهو بيروزگاري جو شڪار ٿي ويا آهن، اتي هنن نوجوانن ڪيترن ئي غريب مسڪين خاندانن کي راشن پڻ پهچايو آهي.

سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ حڪومت پاران لڳايل لاڪ ڊائون کي اڄ 23 ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن ڪري ڪاورباري مرڪز ۽ روزگار جا ذريعا بند ٿي ويا آهن، ان ئي ساڳي شدت سان انهن ماڻهن جي زندگي ڏکي ٿي پئي آهي، جيڪي روز ڏهاڙي ڪمائي گهر جي چلهه ٻاريندا هئا، يقيني طور تي ڪورونا وائرس جي نقصانن کان بچڻ ۽ ڪروڙين انساني جانين کي خطري کان آجو ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکڻ ضروري آهي، پر انهن ماڻهن جو خيال ڪرڻ به حڪومت سميت سرندي وارن، فلاحي ادارن ۽ سماج سڌارڪن جي ذميواري آهي، جيڪي هن وقت وڏي تڪليف ۾ آهن، حڪومت جا اعلان ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ ان اعلان تي سست رفتاري سان عمل ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي ڏينهن گذري وڃن ٿا، ماڻهن جي مدد نٿي ٿئي، هن وقت مزدور، پورهيت ۽ غريب طبقي کي ترت مدد جي ضرورت آهي، جن غريب خاندانن کي راشن ڏنو ويو، اهو ايترو هو جو اهو گذارو ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي.

اڄ مون حيدرآباد جي هڪ دڪان تان راشن جا ڪٽا ٺهرائي غريبن ۾ ورهائڻ جي لاءِ کڻي ويندڙ هڪ سرندي واري کي به ڏٺو، يقيني طور تي سڄي سنڌ ۾ اهڙا سماج سڌارڪ موجود هوندا ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيو ويٺا هوندا. مون ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي وڊيو ڏٺي، جنهن ۾ سرندي وارا سامان روڊ تي پئي رکندا رهيا ته جيئن ڪو به ضرورتمند بنا ڪنهن شرم ساري جي اتان راشن کڻي وڃي سگهي، پر هتي غربت جي انتهائي آهي، جتي مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جو جيئڻ اڳ ئي جنجال ڪري ڇڏيو هو اتي هڪدم ماڻهن جا روزگار ائين بند ٿي وڃن ته اتي ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ان جو اندازو ڪو حڪمران يا سرمائيدار نٿو لڳائي سگهي.

آئون حيدرآباد سان تعلق رکندڙ آهيان، سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جون اهي آباديون ۽ ڳوٺ منهنجي سامهون آهن، جتان روز صبح جو سون جي تعداد ۾ مزدور گهرن کان نڪرندا هئا ۽ شام ڌاري يا رات دير سان کين واپس پنهنجي گهر ويندي ڏٺو ويندو هو، پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي اهي مزدور ۽ پورهيت گهرن کان نڪرندي نٿا ڏٺا وڃن ڇو ته روزگار جا در عالمي وبا جي ڪري بند آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڪ ڊائون هجي يا ڪرفيو انهن ماڻهن جو خيال رکڻ گهرجي، جيڪي روز مزدوري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا.

هتي ته زرعي شعبي جي به ساڳئي صورتحال آهي ڇو ته لاڪ ڊائون جو اثر زرعي شعبي تي به پيو آهي، حيدرآباد جي ٻهراڙي جي ڳوٺن جي صورتحال به تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، يقيني طور تي اها صورتحال سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي هوندي شهرين کي کاڌ خوراڪ ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ اتان جون حڪومتون ان کي عوام ۽ شهرين مٿان ٿورو سمجهڻ بدران پنهنجي ذميواري ئي سمجهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.