ڪورونا جي وبا کانپوءِ راشن جو بحران

مقبول ملاح

مون پنهنجن گذريل لکڻين ۾ سنڌ حڪومت کي ٻه گذارشون ڪيون هيون، جنهن ۾ هڪ گذارش اها هئي ته سنڌ ۾ ماهر ڊاڪٽرن تي مشتمل رهبر ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ڪميٽي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين/ڪاليجن جي سينيئر توڙي رٽائرڊ ڊاڪٽرن تي مشتمل هجي، جيڪي ڪورونا وائرس جي علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جي رهنمائي ڪري. جڏهن ته ٻي گذارش هيءَ هئي ته هڪ اهڙو ڊيٽا بيس ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ نه صرف مستحق ماڻهن جي لسٽ جڙي سگهي، پر اهو به معلوم ٿي سگهي  ته ڪنهن گهر يا علائقي ۾ اهڙو مريض ته موجود ناهي، جنهن کي ڪورونا وائرس جون علامتون آهن، جيڪو ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل آهي، جنهن سان هن وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو هجي ۽ اها ڊيٽا پوليو ورڪرن معرفت حاصل ڪئي وڃي، ان ۾ پوليو ورڪر ان لاءِ اهم آهن جو پوليو ٽيم وٽ اڳ ئي مائڪرو پلان موجود آهي ۽ هي واحد  پروگرام آهي، جنهن سان ورڪر گهر گهر تائين پهچن ٿا.

6 اپريل تي منهنجي نظر مان هڪ نوٽيفڪيشن گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو/حيدرآباد، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽  شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلرن کي حڪم جاري ڪيو ويو ته سندن يونيورسٽي جا سينيئر ڊاڪٽر/پروفيسر آءِ سي يو يا جتي ڪورونا وائرس جا مريض موجود آهن، اتي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏين. سنڌ حڪومت جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي ته هو پنهنجن ادارن ۾ موجود سينيئر ماڻهن کان خدمتون حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻي تجويز تي به فورن عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جو وڏي وزير ڪورونا جي  پهرين مريض جي ظاهر ٿيڻ شرط ئي سرگرم ٿي ويو هو، سنڌ واحد صوبو هيو جتي وفاق جي اختلافن باوجود سڀ کان اڳ ايڪشن وٺندي لاڪ ڊائون ڪيو ويو. لاڪ ڊائون جي اعلان وقت سنڌ جي وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو هو ته سنڌ حڪومت مستحق ماڻهن تائين راشن پهچائيندي ته جيئن ڪوبه ماڻهو بک وگهي نه مري، جنهن لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي به ڪئي وئي آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڃان تائين سنڌ حڪومت اهو طئه نه ڪري سگهي آهي ته هو ڪهڙي نموني راشن جي ورهاست ڪن. هر تعلقي جي  اسسٽنٽ ڪمشنرن معرفت 6 ماڻهن جي مشتمل هر يوسي جي هر وارڊ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي ته هو مستحق ماڻهن جي لسٽ ٺاهين ۽ انهن تائين راشن پهچائڻ جي ذميواري به ان ڪميٽي تي رکي وئي، پر افسوس ته اسسٽنٽ ڪمشنرن معرفت جيڪو راشن يونين ڪميٽين کي ڏنو ويو ته اهو چيئرمينن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيئرمينن جو چوڻ هيو ته سندن علائقي ۾ هزارين مستحق آهن، پر سامان صرف چند سون لاءِ ڏنو ويو آهي. سنڌ توڙي وفاقي حڪومت طرفان اعلانن باوجود وقت سر مستحق ماڻهن تائين راشن نه پهچڻ ڪري مجبورن ماڻهو گهرن کان نڪرن ٿا، جيڪو عمل ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته حڪومت طرفان وقت سر راشن نه ملڻ ڪري سنڌ جي هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ مختلف ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت مستحق ماڻهن تائين راشن پهچايو آهي، پر سدائين بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي آهي، ماڻهو سون جي تعداد ۾ راشن وٺڻ لاءِ پهچن ٿا، نتيجن حڪومت جي لاڪ ڊائون واري عمل جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، جڏهن ته ان کان علاوه اڪثر نظر اهو آيو آهي ته لاڪ ڊائون صرف شهرن تائين محدود آهي، شهرن جي به ڪچين آبادين ۾ لاڪ ڊائون نظر نه ٿو اچي.

ڏسڻو اهو آهي ته ڇا صرف لاڪ ڊائون ڪافي آهي،  يا بنا ڪنهن جواز جي لاڪ ڊائون دوران ٻاهر نڪرندڙ نوجوانن کي لٺيون هڻي کين ڪڪڙ ٺاهڻ ڪافي آهي، پر منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن لاڪ ڊائون سان گڏ اها به سجاڳي ڏني وڃي ته گهرن مان نڪرڻ دوران ڪهڙيون تدابيرون استعمال ڪيون وڃن ته جيئن هن وائرس کان بچي سگهجي، مثلن ڪنهن نوجوان کي ڪڪڙ ڪرڻ بدران کين پابند بڻايو وڃي ته جيڪڏهن کين ماسڪ نه پاتل هوندو ۽ هو بلا جواز گهر کان ٻاهر نڪرندو ته کيس واپس ڪيو ويندو، يا بنا ماسڪ جي شهر ۾ ڪنهن کي به داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ٻيو ته سرجيڪل ماسڪ جيتوڻيڪ هاڻ ميڊيڪل اسٽورن تي نظر اچي ٿو، پر ان جي قيمت عام ڏينهن جي قميت کان وڌيڪ آهي، تنهن ڪري ڪمپني طرفان ملندڙ قيمت تي ئي  اهو ماسڪ ممڪن بڻايو وڃي.

ڇاڪاڻ ته صرف لاڪ ڊائون يا لاڪ ڊائون دوران سختي سان ڪورونا وائرس کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي، ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي وڃي ته ڪهڙي نموني هن وائرس کان بچي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته گهر جو هڪ فرد ته هر صورت ۾ گهر مان نڪري ٿو،  جيڪڏهن اهو احتياطي تدابيرون استعمال ڪندو ته نه صرف پاڻ پر پوري گهر کي هن وائرس کان بچائي سگهندو، ٻي صورت ۾ ڪراچي جي ان خاندان جنهن جي 7 ڀاتين کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي، صرف هڪ ڀاتي ٻاهر نڪتو هيو، بغير ڪنهن احتياطي تدابيرون جي ۽ نتيجن پورو خاندان هن بيماري ۾ وڪوڙجي ويو.

حڪومت کي گهرجي ته راشن ڏيڻ جو سلسلو جلد کان جلد شروع ڪري ته جيئن ماڻهو گهرن تائين محدود رهن، اهو راشن گهر جي سربراهه کي سندس گهر تائين پهچايو وڃي ته جيئن ماڻهو راشن جي وصولي لاءِ گهر کان نه نڪري، ٻيو ته گهر کان نڪرندڙ ماڻهن لاءِ ڪجهه احتياطي تدابيرون استعمال ڪيون وڃن، جن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ هي وائرس وڏي تباهي آڻيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.