صحت جي عالمي اداري آمريڪي صدر جا الزام رد ڪري ڇڏيا

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري آمريڪي صدر جي الزامن کي رد ڪندي چين سان لاڳاپن جو بچاءُ ڪيو آهي.

ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل جي سينيئر صلاحڪار ڊاڪٽر بروس ايلورڊ موجب عالمي ادارو اسپين ۽ چين سميت وبا سان متاثر سمورن ملڪن سان هڪ جهڙا لاڳاپا رکيو پيو اچي.

اداري جي يورپي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر هانس ڪلوگي آمريڪي صدر طرفان اداري جي فنڊنگ روڪڻ جي ڌمڪي تي سخت تنقيد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته وبا جي شدت وڌيڪ آهي، تنهن ڪري فنڊنگ گهٽائڻ لاءِ هي وقت مناسب ناهي.

ڊاڪٽر هانس يورپ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال کي ”انتهائي ڳڻتي جوڳو“ قرار ڏيندي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي انتهائي احتياط سان جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ بابت ڪو فيصلو ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.