همراهه جون لاڪ ڊائون دوران ٻي زال سان ملڻ لاءِ منٿون، پوليس هڪ نه ٻڌي

 

عالمي وبا جي صورت اختيار ڪري ويندڙ ڪورونا جتي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي وري ڪجهه عجيب ۽ دلچسپ واقعا به پيش اچي رهيا آهن.

ڪورونا وائرس هيل دنيا جي 2 سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو فوت ۽ لکين متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن لاڪ ڊائون ڪيو آهي.

دبئي ۾ به ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ اتي حڪومت طرفان سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دبئي پوليس وٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان اهڙا سوال اچي رهيا آهن، جيڪي اختيارين کي پريشان ڪري رهيا آهن.

دبئي ۾ پوليس اختياريون ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان ريڊيو پروگرام ۾ عوام جا مسئلا ٻڌي رهيون آهن.

ان ڏس ۾ دبئي ٽريفڪ پوليس جو سربراهه هڪ ريڊيو پروگرام ۾ موجود هو، جنهن ۾ عوام کي سوال پڇڻ جي سهولت هئي، ان دوران هڪ شخص فون ڪري پنهنجي ٻي گهرواري سان ملڻ لاءِ ڪرفيو پاس (پرمنٽ) جي گهر ڪئي.

ڪالر جو سوال ٻڌي ريڊيو تي لائيو موجود دبئي ٽريفڪ پوليس جو سربراهه پنهنجي کِل نه روڪي سگهيو ۽ هن وراڻيو ته توهان ٻي گهرواري سان ملڻ جو سٺو بهانو ڳوليو آهي، في الحال اهڙن معاملن ۾ پرمٽ نٿي ڏئي سگهجي، توهان ڪجهه ڏينهن هڪ ئي گهرواري سان رهو، ائين ئي ڪم هلايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.