ٽنڊو غلام حيدر: لاڪ ڊائون سبب شادين تي پابندي ڪري مڱڻهار برادري بکون ڪاٽڻ تي مجبور

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

ٽنڊوغلام حيدر تعلقي اندر لاڪ ڊائون سبب شادين،گڏجاڻين جي تقريبن تي پابندي سبب منڱڻهار برادري جا ماڻهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، يوسي چيئرمين پاران من پسند ماڻھن ۾ رات پيٽ اندر راشن ڏئي مسڪين ماڻھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي

منڱڻهارن جو روزگار بند ٿيڻ بعد سندن جي معصوم ٻچن بک سبب پيٽ تي پٿر ٻڌي ڇڏياڍ

ان سلسلي ۾ منڱڻهار برادري جي عورتن پاران بک ۽ بيروزگاري سبب ڀٿر چاڙهي صحافين اڳيان انوکو احتجاج ڪيو

بچلان، حاجو ۽ نواز علي منڱڻهار چيو ته مسلسل لاڪ ڊائون سبب شادين ۽ تقريبن تي پابندي بعد اسان مسلسل بکون ڪاٽي رهيا آهيون هنن چيو ته يوسي جمال الدين لاشاري جي چيئرمين اسان جي ڪا به مدد ناهي ڪئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان آيل غريبن جو راشن به رات جي پيٽ اندر سرندي وارن کي ڏئي اسان جي ٻچن کي بکن ۾ مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شادين جي تقريبن تي پابندي بعد خاندان بک بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن مڱڻهار برادري جي ماڻهن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته راشن فراهم ڪري ٻچڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.