ٺري ميرواهه: ڳوٺاڻن کي پوليس کنڀي وئي، وارثن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

ٺري ميرواهه ۾ عدلت مان حاضري کائي واپس ايندڙ ڳوٺاڻن جي گرفتاري خلاف وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو

ٺري ميرواھ جي ڳوٺ سائينداد سيال واسي ڳوٺاڻن زرينا خاتون، انم خاتون، فيض محمد ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪيو، ان موقعي تي عورت زرينا خاتون صحافين کي ٻڌايو ته سندس مڙس استاد آچر سيال، نياڻو شوڪت سيال ۽ امداد سيال ٺري ميرواھ جي عدالت مان حاضري کائي واپس اچي رهيا هئا ته سادا ڪپڙا پهريل بوزدار وڏا پوليس جا اهلڪار کين کنڀي کڻي ويا جن کي مهنجي پٽ به ڏٺو جيڪو پوليس وارن کان ڀڄي ويو

مظاهرو ڪندڙن چيو ته بوزدار وڏا پوليس تر جي بااثر جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هنن چيو ته سان کي خدشو آھي ته پوليس اسانجي ماڻهن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتاري ظاهر ڪندي

احتجاج ڪندڙن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس پاران گرفتار ڪيل همراهن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.