کپرو: مقتول نوجوان جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

سانگھڙ ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

گذريل ڏينهن ٽيڪم مالهي کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جو سانگھڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن بعد سي سي ٽي وي جي مدد سان پوليس کپرو شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن درشن مالهي ۽ ساجن گواريو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

سانگھڙ پوليس موجب جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ جوابدارن جي نشاندهي تي سانگھڙ روڊ لڳ رت سان ڀريل سندن ڪپڙا پڻ هٿ ڪيا آهن

هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته مقتول ٽيڪم مالهي سان جوابدارن جو ڏيتي ليتي تي تڪرار هيو جنهن ڪري ڪجھ عرصو اڳ مقتول ٽيڪم داس جوابدارن کي پوليس کان گرفتار پڻ ڪرايو هو جنهن جي ڪري جوابدارن کيس قتل ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.