صحت جو عالمي ڏينهن، ڊبليو ايڇ او اهم مطالبو ڪري ڇڏيو

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي پکڙجندڙ وبا کي نظر ۾ رکندي صحت جي عالمي اداري نرسنگ اسٽاف جو انگ ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

جنيوا ۾ قائم ڊبليو ايڇ او طرفان ٻڌايو ويو آهي ته عالمي سطح تي اسپتالن، گهرن سميت ٻين طبي هنڌن تي سهولتن ۾ 5.9 ملين نرسن جي کوٽ آهي.

اڄ 7 اپريل تي ملهائي ويندڙ صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريوسيس چيو ته نرسون هيلٿ ڪيئر نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اهي پنهنجي حياتين جي پرواهه بنا هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.