ڪورونا جون عالمي سطح تي تباهيون جاري، 62 هزارن کان وڌيڪ فوت

 

سڄي دنيا جو ساهه مُٺ ۾ ڪندڙ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو سلسلو جاري آهي ۽ عالمي سطح تي 11 لک کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ 62 هزارن کان ٽپي ويو آهي.

آمريڪا

ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آمريڪا ۾ هڪ ڏينهن اندر 737 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 8 هزار 141 ٿي ويو آهي.

آمريڪي رياست نيو يارڪ جي گورنر اينڊريو ڪومو موجب رياست ۾ هڪ ڏينهن اندر رڪارڊ 630 فوتگيون ٿيون آهن.

اٽلي

اٽلي ۾ اختيارين وڌيڪ 681 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو مجموعي انگ 15 هزار 362 ٿي ويو آهي.

اٽلي ۾ گذريل 8 ڏينهن دوران فوتگين ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن ۾ انفيڪشن جي پکيڙ ۾ به گهٽتائي نظر ۾ آئي آهي.

برطانيا

برطانوي حڪومت ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن موجب برطانيا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران فوتين جو انگ 708 آهي.

ڇنڇر تائين تازين ٽيسٽن کانپوءِ برطانيا ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 41 هزار 903 ٿي ويو.

اسپين

اسپين ۾ گذريل هڪ ڏينهن دوران 546 ماڻهو فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو مجموعي انگ 11 هزار 744 ٿي ويو آهي.

اسپين ۾ ڪورونا وائرس جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ هڪ لک 24 هزار 736 تائين پهتو آهي.

ايران

ايران ۾ ان وبا سبب وڌيڪ 158 ڄڻا موت جي منهن ۾ هليا ويا، جنهن سان گڏ ئي فوتين جو مجموعي انگ 3 هزار 452 ٿي ويو، جڏهن ته اتي 55 هزار 743 ماڻهو متاثر آهن.

صحتياب ٿيندڙ

ڪورونا وائرس سبب جتي متاثرن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، اتي ئي وري ماڻهو صحتياب به ٿي رهيا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ان وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جو انگ 2 لک 41 هزار 774 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.