پي سي بي جو رمضان ڪرڪيٽ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ کان انڪار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرڪيٽ سرگرمي لاءِ اين او سي جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل خاص پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه انتظاميائن اسان سان رمضان ڪرڪيٽ لاءِ اين او سي حاصل ڪرڻ جي وضاحت جي سلسلي ۾ رابطو ڪيو، هن وقت مناسب اهو ئي آهي ته اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي واضح پاليسي تي عمل ڪيون ۽ جيستائين حالتون معمول تي نه ٿيون اچن، پي سي بي ان وقت تائين ڪرڪيٽ سرگرمين کي معطل ڪيو آهي.

پڌرائيءَ موجب موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پي سي بي رمضان ڪرڪيٽ لاءِ ڪا اين او سي جاري نه ڪندو، هيءَ ڏکي صورتحال آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ معاشي ۽ راندين جون سرگرميون معطل آهن، هن وقت سڄو ڌيان ماڻهن جي صحت ۽ حفاظت تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.