گڏيل قومن جو جنرل اسيمبلي اجلاس ملتوي ڪرڻ تي غور

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪورونا وائرس سبب ساليانو اجلاس ملتوي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر تاجياني محمد باندي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايندڙ مهيني تائين 193 رڪني عالمي باڊي ان سلسلي ۾ فيصلو ڪندي.

واضح رهي ته جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس سيپٽمبر ۾ ٿيڻو آهي پر ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي ممڪن آهي ته اهو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هلندڙ سال گڏيل قومون پنهنجي تخليق جي 75هين سالگرهه به ملهائي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.