نوابشاهه: اختيارين صحافين سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس ورتو، ٽي اهلڪار ڪوارٽر گھاٽ

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: اختيارين صحافين سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس ورتو، ٽي اهلڪار ڪوارٽر گھاٽ
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: اختيارين صحافين سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس ورتو، ٽي اهلڪار ڪوارٽر گھاٽ

نوابشاهه ۾ اختيارين صحافين سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺندي ٽن اهلڪارن کي ڪوارٽر گھاٽ ڪري ڇڏيو

نوابشاهه ۾ لاڪ ڊائون دوران پوليس پاران ايندڙ ويندڙ ليڊيز سان گڏ ماڻهن تي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ جي ڪوريج ڪرڻ تي ڪيمرامين رفاقت آرائين تي ضلعي پوليس جي اهلڪار عاشق حسين ڀرٽ ۽ اينٽي انجڪروجمنٽ جي ٻن اهلڪارن صدام حسين بروهي ۽ احمد علي مري آپي کان ٻاهر نڪري ويا جن ڪيمرامين رفاقت آرائين تي مڪن ۽ لٺين وسڪارو لائي ڏنو، سخت تشدد ڪرڻ دوران ڪيمرامين بيهوش ٿي ويو

خبر پوڻ تي پريس ڪلب نوابشاهه جي صحافين احتجاج ڪيو

جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر ۽ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو نوٽس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٽنهي پوليس اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.