سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، تيرهين ڏينهن به شهر بند، پورهيت پريشان

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، تيرهين ڏينهن به شهر بند، پورهيت پريشان
عوامي آواز رپورٽ سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، تيرهين ڏينهن به شهر بند، پورهيت پريشان

ڪورونا وائرس جي خطري سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي تيرهين ڏهاڙي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو جڏهن ته لاڪ ڊائون سبب پورهيت طبقو پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي

ڊگهڙي ۾ لاڪ ڊائون سبب تيرهين ڏينهن به شهر بند رکيو ويو جڏهن ته  ٻيل سواري تي پابندي هئڻ ڪري شھر جا روڊ رستا ويران نظر آيا

ايس ايڇ او ڊگهڙي پوليس نفري ساڻ ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي گشت ڪري ماڻهن کي گھرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي

نئين ديري ۾ به ڪرونا وائرس جي امڪاني ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون جي  13 هين ڏينهن

شهر بند رکيو ويو جڏهن ته پوليس جا جوانن شهر جو گشت ڪري شهرين کي گھرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪندا رهيا

هالا ۾ به ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو لاڪ ڊائون دوران ضلعي جي ٽنهي تعلقن مٽياري، ھالا ۽ نيو سعيدآباد جي شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ ٻين هنڌن تي ڊيوٽيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن ۾ برياني ۽ پاڻي جي بوتلون ورهايون

ٽنڊي حيدر ۾ به لاڪ ڊائون سبب شهر بند رهيو جڏهن ته شهر بند هجڻ ڪري پورهيتن پاران رليف نه ملڻ خلاف سماجي اڳواڻ شاهد کوسو،  پوڙھو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته ٽنڊو حيدر ۾ رهندڙ هزارن جي تعداد ۾ مسڪين پورهيت ڏهاڙي ڪمائي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا سنڌ گورنمينٽ پاران اعلانيل راشن ٻارنهن ڏينهن گذرڻ باوجود  نه مليو آهي جنهن ڪري پورهيت تبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.