سنڌ ۾ وڌيڪ 12 ڄڻن ڪورونا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٻڌايو آهي ته وڌيڪ 12 ڄڻن ڪورونا وائرس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ذريعي آگاهي ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 12 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، 12 ڄڻن جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ هيل تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 86 ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس جو واحد حل آئسوليشن ۽ سماجي وٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ انهن 86 ماڻهن پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو، توهان به ڪري سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.