ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ 41 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2724 مريض

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوتگين جو انگ 41 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو گڏيل انگ 2724 ٿي ويو آهي.

حڪومت طرفان جاري انگن اکرن موجب خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب فوتگين ۾ سڀ کان 14 فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آهن جڏهن ته پنجاب ۾ 11، ۽ خيبرپختونخواهه۾ 12، گلگت ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ هڪ فوتگي ٿي آهي.

ملڪ ۾ اڄوڪي صورتحال:

اڄ سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 84 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن مان سنڌ ۾ 56، پنجاب ۾ 18، اسلام آباد ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير مان 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب:

پنجاب ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 1087 ٿي ويو آهي.

صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا سبب 11 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن جنهن مان لاهور ۾ 5، راولپنڊي ۾ 4 جڏهن ته رحيم يار خان ۽ فيصل آباد۾  هڪ هڪ فوتگي ٿي آهي.

صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان 6 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 56 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 839 ٻڌايو ويو آهي.

جڏهن ته صحت واري صوبائي کاتي طرفان 47 نون ڪيسن سان گڏ 830 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ صوبي ۾ فوتگين جو انگ 14 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 38، حيدرآباد 1، بدين 1، ڄامشورو 2 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 5 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي جي سمري موجب صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ آهن جنهن جو انگ 380 آهي.

سنڌ ۾ هن وقت تائين 14 فوتگين مان رڳو ڪراچي ۾ 12 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته حيدرآباد ۾ انگ 2 آهي.

سنڌ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان ڪل 74 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن جنهن جي تصديق صوبائي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪئي.

اسلام آباد:

اڄ اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 7ڪيس سامهون آيا جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا.

پورٽل موجب وفاقي راڄڌاني ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 75 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن جي تصديق صحت واري وزير طرفان ڪئي وئي آهي.

صحت واري وزير ڊاڪٽر نجي نقي موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

صحت واري وزير ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض ڪورونا مان صحتياب ٿيو آهي.

خيبرپختونخواهه:

پاڪستان حڪومت طرفان جاري سرڪاري انگن اکرن موجب خيبرپختونخواهه ۾ ڇنڇر تي هڪ فوتگي ٿي آهي جنهن کان پوءِ صوبي  فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

صوبائي حڪومت طرفان هن وقت تائين متاثر ماڻهن جي حوالي سان انگ اکر جاري ناهن ڪيا ويا ان ڪري گذريل ڏينهن جي انگن اکرن موجب صوبي ۾ متاثرن جو انگ 343 آهي.

صحت واري صوبائي وزارت موجب صوبي ۾ 30 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جو ڪو به نئون ڪس رپورٽ نه ٿيو.

ڪالهه ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 175 ٿي ويو هو.

صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي موجب 9 ڊاڪٽرن سميت 38 ماڻهن ۾ مقامي طور تي ڪورونا وائرس منتقل ٿيڻ جي تصديق ٿي.

هن ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب هڪ فوتگي ٿي جڏهن ته 19 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

گلگلت بلتستان ۾ به اڄ هن وقت تائين ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

ڪالهه گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 193 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان جي سڌُ سماءَ واري صلاحڪار موجب ڪيس استور، نگر ۽ گلگت مان سامهون آيا آهن.

هن ٻڌايو ته علائقي ۾ موذي مرض مان متاثر 9 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.