لاڙڪاڻي ۾تشدد ۽ حفاظتي سامان نه ملڻ خلاف پي ايم اي جو احتجاج، او پي ڊي بند

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندڙ پيرا ميڊيڪل عملي پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي سامان ۽ ڪٽس نه ڏيڻ توڙي لاڪ ڊائون دوران پوليس طرفان ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري عمل خلاف پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي سڏ تي ڪالهه ٽئين ڏينهن به چئني سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري شيخ زيد اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي صدر ضمير سانگي، آفتاب چانڊيو، منور منگي، غلام حسين لانگاهه، عبدالجبار ناريجو ۽ ٻين چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ پيرا ميڊيڪل عملي کي ماڪس، هينڊ گلوز، سينيٽائيزر، هينڊ واش، آئسوليشن وارڊ ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي ڪمپليٽ ڪٽ فراهم نه ڪرڻ سبب عملي کي ڊيوٽيون ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، لاڪ ڊائون دوران ڊيوٽي تي ايندڙ پيرا ميڊيڪل عملي کي پوليس طرفان پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن الزام لڳايو ته لاڙڪاڻو پوليس ڊيوٽين تي ايندڙ ملازمن منصف ڀٽو، صغريٰ ميراڻي، شمشاد علي چانڊيو ۽ ٻين کي تشدد جو نشانو بڻائي کين ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته ايم ايس طرفان ملازمن کي ڊيوٽين تي اچڻ بابت ڪو به ليٽر جاري ناهي ڪيو ويو، اهڙي عمل سان ملازم عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ايم ايس طرفان لاڪ ڊائون سبب ڊيوٽين تي نه ايندڙ ٻهراڙي جي ڪيترن ئي ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن جنهن سان ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن وڏي وزير، لاڙڪاڻي جي انتظاميه ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کان گهر ڪئي ته عملي کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي سامان ڏيڻ سان گڏ ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ٻهراڙين جي ملازمن کي پگهارون جاري ڪري ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.