مسڪين ماروئڙن جي مدد اسان سڀني تي فرض آهي :سردار شاهه

سامارو( ن ع آ ) صوبائي وزير سياحت ثقافت سنڌ سيد سردارعلي شاهه چيو آھي ته  وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي سرپرستي ۾ رليف فنڊ قائم ڪيو ويو آھي   سنڌ ۾ ھن سال 40ھ لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ لهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي، ڪڻڪ جو فصل لهڻ به شروع ٿي ويو آھي جيڪر اسان جا زميندار ڀائر في مڻ تي هڪ ڪلو به مستحقن لاءِ ڏيندا ته اسين هن سنگين صورتحال مان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏئي نڪري سگهون ٿا، سنڌ حڪومت  پنهنجن وسيلن آھر خدمت ڪري رهي آھي،  آئون پنهنجي زمين مان جيڪا به ڪڻڪ لهندي انهي مان مستحقن کي دان ڪبي، اهڙو اظھار   پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو آھي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ موهين جي ڌڙي کان وٺي خوشحال رهي آھي هتان هميشه ڏتڙيل   علائقن جي مدد ٿيندي رهي آھي هاڻي جڏهن ته اسان جي ڌرتي پڻ هن ھن وقت ڏکي صورتحال ۾ ورتل آھي مزدور طبقو پريشاني ۾ مبتلا آھي مستحقن ماروئڙن جي مدد اسان سڀني تي فرض ٿئي ٿو، ننڍا توڙي وڏا زميندار هن خير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.