تبليغين کي ڪورنٽائين نه ڪرڻ سبب ڪورونا پکڙجي پيو: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس پکڙجڻ  تشويشناڪ ڳالھ آھي، لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيڻ ۽ تبليغي ماڻھن کي ڪورنٽائين نه ڪرڻ سبب نواب شاھ، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، دادو، بدين ۽ ٻين شھرن ۾ موذي بيماري پکڙجي رھي آھي. سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون بي اثر ٿي ويو آھي، ٻئي طرف دنيا جا امير ترين ملڪ وڌندڙ بيماري سبب پريشاني ۾ مٿي تي ھٿ ڏئي ويھي رھيا آھن، افسوس آھي جو اسان وٽ اڃا تائين تاريخ جي خطرناڪ بيماريءَ جي سنگيني جو احساس ئي نه پيو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته عوام جي سھڪار ۽ سنگيني جي احساس کان سواءِ ڪرونا وائرس کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو ته انتظاميه سوشل ڊسٽينس ڪرائڻ، لاڪ ڊائون تي عمل ۽ حقيقي متاثر ۽ مستحق ماڻھن ۾ راشن ورھائڻ ۾ ناڪام وئي آھي. اقرباپروري ۽ انتظامي نااھلي جي ڪري بک ۽ بيروزگاري جا شڪار ماڻھو وڌيڪ متاثر ٿي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته بيماري جو خطرو ختم ٿيڻ تائين سنڌ ۾ شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻھو گھرن تائين رھن، پاڻ ۾ ھٿ نه ملائين، گڏ ويھڻ ۽ بيھڻ بدران وٿي رکي وڃي، بچاءُ جا سمورا طريقا اختيار ڪيا وڃن.اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان غريب ملڪ آھي، سنڌ ملڪ جو انتھائي غريب صوبو آھي، اسان وٽ حڪمرانن ادارن کي تباھ ڪيو آھي، انھن ۾ اھا طاقت ناھي جو اھي ڪرونا وائرس پکڙجڻ کانپوءِ متاثر ماڻھن کي بچائي سگھن. آمريڪا جي سپر پاور ملڪ ۾ وائرس پکڙجڻ کانپوءِ وينٽيليٽرز جي کوٽ ٿي وئي آھي، سنڌ ۾ مشڪل سان 8 سئو وينٽيليٽر آھن. ھن خطرناڪ صورتحال ۾ گڏجي منھن ڏئي سگھجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.