ميرپورخاص ۾ لاڪ ڊائون، هدايتن تي عمل نه ڪندڙ 4 ڄڻا گرفتار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)  پوري ملڪ جيان ميرپورخاص ۾ به لاڪ ڊائون جي 12هين ڏينهن به ميرپورخاص ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رهيو  لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار مرڪز، دڪانون بند رهيا جڏهن ته عوام جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل اسٽور ۽ راشن حاصل ڪرڻ واريون دڪانون کليل رهيون لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ شھر ۾ فوج ۽ رينجرز ۽ پوليس جا جوان  گشت ڪندا رهيا. لاڪ ڊائون دوران پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران جمعي جي نماز لاءِ وڏا ميڙ نه ڪرڻ ۽ حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي پوليس ڪاروائي ڪندي ميرپورخاص شهر جي مختلف مسجدن جي مولوين خلاف ڪاروايون ڪندي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته لاڪ ڊائون دوران ڪم ڪار بند هجڻ جي ڪري پريشان حال پورهيتن ۽ غريب ماڻهن جي مدد لاءِ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن سميت سرندي وارن ماڻهن پاران سوين ضرورتمندن جي گھرن تائين روڪ رقم ۽ راشن فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.