ڪنڌڪوٽ ۾ سماجي تنظيم غريبن ۾ راشن ورهايو

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر)  ڪنڌ ڪوٽ  لاڪ ڊائون سبب گهرن ۾ رهڻ  ۽ ڪاروباربند ٿيڻ  ڪري متاثر ٿيندڙ مزدورن۽ غريبن جي مدد لاءِ  الخدمت ميدان تي اچي وئي، ضلعي جي الخدمت جي صدر ڊاڪٽر امان الله سهرياڻي انسانيت جي خدمت جو جذبو رکندڙ نوجوانن جي ٽيم جوڙي گهر گهر راشن پهچائڻ  جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، انهي حوالي سان الخدمت ضلعي جي صدر ڊاڪٽر امان الله سهرياڻي چيو ته هي ڏکيو وقت آهي جنهن ۾ اسان سڀني جي مٿان فرض ٿئي ٿو ته اسين پنهنجي مزدور، مسڪين ۽ غريب ڀائرن جي مدد ڪيون.

ڊگهڙي ۾ لاڪ ڊائون، پوليس ۽ آرمي جو روڊن تي گشت

ڊگھڙي (ن ع آ) سنڌ حڪومت طرفان 12وڳي کان ساڍا ٽي وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون واري اعلان  بعد ڊگهڙي شھر ۾ ماڻھن پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو،جڏهن ته پاڪ فوج جي جوانن اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي نثار احمد ميمڻ،ايس ايڇ او ڊگهڙي پوليس موبائلن سان گڏ شھر جي مک روڊن ۽ مختلف ڪالونين جي گهٽين ۾ گشت ڪري ماڻھن کي پنهنجي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي قلم 144 تي عمل ڪرائڻ لاء پوليس ڪاروايون جاري رهيون مڪمل لاڪ ڊائون ۽ پوليس جي گشت سبب شھر جا روڊ رستا ويران نظر آيا ڪاوربار مڪمل طور بند رهيو.

مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي لاڪ ڊائون، پوليس طرفان گشت، جمعي جي نماز مسجدن ۾ نه ٿي سگهي

مسوڀرڳڙي (ن ع آ)سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس کان عوام کي بچائڻ لاءِ لاڪ ڊائون اڄ 12 هين ڏينهن به جاري رهيو جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت 12:30 بجي کان 3:30 بجي تائين مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويو، جنهن ۾ مسوڀرڳڙي،واڻڪي وسي،طالب المولي ڪالوني،هٽڙي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل طور بندرهيو، جڏهن ته مسجدن ۾ به اڄ جمعي جي نماز دوران باجماعت نماز ادا نه ڪئي وئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.