”قوم سان گڏجي ڪورونا جي لڪيل دشمن کي شڪست ڏينداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف سمورا ادارا گڏجي بندوبست ڪري رهيا آهن ۽ گڏجي لڪل دشمن کي شڪست ڏينداسين.

ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم جي هدايت تي نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر بڻايو ويو، اِهو ڪورونا بابت قدمن جو پليٽ فارم آهي جتي اڄ ڊاڪٽر فيصل وزير اعظم کي ڪورونا وائرس بابت سموري ڄاڻ ڏني جڏهن ته وزير اعظم آرمي چيف ۽ سمورن ادارن جي ڪاوشن کي ساراهيو.

هن چيو ته قوم کي وبا کان بچائڻ وزير اعظم جي پهرين ترجيح آهي، سمورن ادارن سان گڏجي بندوبست ڪري رهيا آهيون ۽ قومي حڪمت عملي بڻائڻ واري عمل ۾ مصروف آهيون، ان مقصد جي لاءِ صوبائي حڪومتون ڪورونا متاثرن جي ڊيٽا جوڙي جيئن گڏجي حڪمت عملي بڻايون.

سندس چوڻ هو ته اسان کي گڏجي ان لڪل دشمن جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ ان کي شڪست ڏيڻي آهي، ڪورونا  جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل سهڪار کي هٿي، حفاظتي تدبير ۽ عملدرآمد ۽ آگاهي پيدا ڪندڙ ڪوششن ۽ ڪاوشن کي تقويت ڏيڻ جي لاءِ اِهو سينٽر فعال ٿيو آهي ۽ ان سينٽر سان ئي ٻڌي ۽ هڪ جهڙائي سان قومي نظريو سامهون آڻينداسين.

هن چيو ته وزير اعظم اسمگلنگ ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، هن لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏنيون ته هو ذخيري مافيا تي نظر رکن جڏهن ته اسد عمر اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ورڪنگ پلان ڏئي جيئن عملدرآمد ٿي سگهي.

هن چيو ته اٽي جي کوٽ کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ وزير اعظم ڪڻڪ لڻڻ  بابت بروقت بندوبست ڪرڻ لاءِ هدايتون ڪيون ۽ چيو ته اٽي جي کوٽ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر:

ان موقعي تي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ان وبا عالمي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي ان وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي.

هن چيو ته 38 ڏينهن ۾ قوم ان چيلينج جو پاڻ مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان جي فوج ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي ۽ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي جڏهن ته ان جنگ کي کٽڻ ۾ ميڊيا جو ڀرپور سهڪار گهربل آهي.

هن چيو ته تبديل ٿيندڙ صورتحال موجب روزاني جي بنياد تي سمورا امڪاني بندوبست ڪري رهيا آهيون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون، قوم کي اتحاد جو پيغام ڏيڻ تي عالمن جا ٿورا ادا  ڪيون ٿا ۽ الله کان دعا آهي ته ان معصيب ۽ وبا کي ختم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.