عراق ۾ ڦاٿل پاڪستاني زائرين لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عراق ۾ ڦاٿل پاڪستاني زائرين ۽ ٻين جي لاءِ خوشخبري آهي ته هنن کي 7 اپريل تي خاص جهاز جي ذريعي وطن واپس آندو ويندو.

عراقي سفارتخاني جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي خاص اڏام 7 اپريل تي بغداد مان زائرين کي آڻيندي.

ذريعن موجب چارٽر جهاز پي ڪي 9814 بغداد کان اسلام آباد پهچندو، مسافرن کي ڪجهه ڪلاڪ ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ هوٽل ۾ رکيو ويندو، ڪورونا ٽيسٽ مثبت ايندڙ کي قرنطينه ۽ ٻين کي گهر موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.