ڊينيل پرل قتل ڪيس بابت عدالتي فيصلي تي  آمريڪا جو سخت خدشن جو اظهار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صحاف  ڊينيل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ جي موت جي سزا کي 7 سال قيد ۾ تبديل ڪرڻ تي آمريڪا سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن واري پرنسپل ڊپٽي سيڪريٽري ايلس ويلز جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلو دهشتگردي مان متاثر ماڻهن جي توهين آهي.

ايلس ويلز چيو ته صحافي جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي.

ان کان سواءِ صحافين کي عالمي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز به ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي آزادي جي فيصلي تي افسوس ڪيو ۽ چيو ته اِها صحافين تي تشدد جي لاءِ ڇوٽ جي هڪ ڇرڪائيندڙ علامت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.