سنڌ جي وڏي وزير جو ڪورونا سبب فوتين ۽ مريضن جي انگ ۾ مسلسل واڌ تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۽ فوتگين جي انگ ۾ مسلسل واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن دنيا کي ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪورونا وائرس گهڻو وڌري رهيو آهي، اسان وٽ 87 سيڪڙو ڪيس وڌي ويا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير اِهو به چيو ته اسان صفا گهٽ ٽيسٽون ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽيسٽ ڪرڻ واري عمل کي وڌايو وڃي ته شايد گهڻا ڪيس ظاهر ٿيندا.

مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائڻي پوندي ۽ ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.