ڳڙهي خيرو: ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، هڪ ڄڻو گرفتار

عوامي آواز رپورٽ
ڳڙهي خيرو: ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، هڪ ڄڻو گرفتار
عوامي آواز رپورٽ ڳڙهي خيرو: ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، هڪ ڄڻو گرفتار

ڳڙهي خيرو ويجھو دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل جو واقعو پيش آيو آهي

دوداپور ويجھو ڳوٺ پٺاڻ خان لھر ۾ جوابدار مسمات مومل ۽ نوجوان فقير محمد کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو

واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جنهن لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آئي جنهن بعد نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

جڏهن ته عورت جو لاش ڳڙھي خيرو تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ جيڪب آباد روانو ڪيو ويو

دوداپور پوليس صحافين کي ٻڌايو ته ھڪ جوابدار جاويد علي لھر کي گرفتار ڪيو آهي ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتاري ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.