بجلي، گئس بلن لاءِ ٽن مهينن جي مهلت، صنعتون کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ واپاري نمائندن سان روزاني جي بنياد تي مشاورت جي هدايت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بيروزگار ٿيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن واپارين ۾ ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ لاءِ مختلف پئڪيجز ڏئي رهيا آهيون. اڃا واپارين کي ٽيڪس ريفنڊ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. ڪاروبار جي فروغ لاءِ ان لاءِ تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون جو موجوده صورتحال جي ڪري ماڻهو بيروزگار نه ٿين.هن چيو ته ڪرونا وائرس جي اثرن سان ڪمزور طبقو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پورهيت طبقي جي امداد لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪرونا وائرس جي ڪري ڪمزور طبقي جو خيال رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي 12 هزار رپيا سڌوسنئون ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته ملڪ ۾ صنعت ۽ ڪاروبار کي فروغ ڏنو وڃي. واپاري برادري کانسواءِ ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. 1960ع جو دور پاڪستان ۾ انڊسٽري جو سنهري دور هو. حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن چيو ته واپارين کي فوري ريفنڊز ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن وٽ ليڪويڊٽي موجود هجي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪرونا ۽ معاشي مشڪلاتن جي اثرن کان بچڻ جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻو آهي ۽ غريب طبقي کي بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻو آهي. هن چيو ته اسان روزاني جي بنياد تي ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ان جي اثرن جو اعليٰ سطحي جائزو وٺندا آهيون ۽ ان تحت اڳتي جي قدمن جو فيصلو ڪندا آهيون. ڪرونا وائرس جي ڪري پوري دنيا مشڪل ۾ آهي. موجوده مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وبا جي پکيڙ دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، جنهن شدت سان پاڪستان ۾ ڪرونا پکڙجي رهيو آهي اميد آهي ان تي ضابطو آڻي وٺنداسين. شادين جي تقريبن، راندين، اسڪول ۽ ڪاليجز ۾ رش ٿيندي آهي، اسان انهن کي اڳ ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪميونٽي کي پاڻ به خيال رکڻ گهرجي ۽ رش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صنعت ۽ واپار واري وزارت اهڙين صنعتن جي فهرست جوڙي ورتي آهي جن کي کولڻ سان ڪرونا جا اثر گهٽ کان گهٽ ٿين. فيصلو ڪيو ويو آهي ته تعميراتي صنعت کولي وڃي، ان حوالي سان اعلان اڄ جمعي ڏينهن ڪيو ويندو. هن چيو ته تعميراتي ڪم ۾ وڌيڪ ماڻهو گڏ ناهن ٿيندا ۽ ان صنعت جي کلڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو. تعميراتي شعبي سان واڳيل ٻيون صنعتون به ڪم ڪنديون جڏهن ته ان حوالي سان ايس او پيز ۽ شرطون لاڳو ڪيون وينديون. اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو بک جو شڪار نه ٿين

وقت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪورونا سبب عوام بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن کانپوءِ جمع ڪرائي سگهندا، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي، ان لاءِ 1200 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي، هن ٻڌايو ته بجلي ۽ گئس جا بل فوري طور جمع ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، ٽن مهينن بعد به جمع ڪرائي سگهن ٿا.يوٽليٽي بلز جمع ڪرائڻ جي دير جو نقصان حڪومت پاڻ برداشت ڪندي، جنهن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ٻيو متاثر طبقو پاڪستان جي ڪاروباري برادري آهي، جنهن لاءِ اسان پنج وڏا فيصلا ڪيا آهن جنهن ۾ 200 ارب رپيا انهن ملازمن لاءِ آهن جيڪي موجوده حالتن ۾ سخت متاثر ٿيا آهن، ننڍن ڪارخانن جي ملازمن ۽ مالڪن لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن،هن چيو ته 100 ارب ڪاروباري برادري خاص طور تي ايڪسپورٽرز کي ري فنڊ ڪياپيا وڃن، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جا بل فوري طور ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اهي ٽن مهينن بعد به ادا ڪري سگهجن ٿا، ان جي نتيجي ۾ جيڪي به اثر پوندا اهي حڪومت پنهنجي کيسي مان برداشت ڪندي، جنهن لاءِ 100 ارب اضافي رکيا ويا آهن، پيٽرول ڊيزل سميت ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي، حڪومت ان لاءِ به 70 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته کاڌي جي شين تي هر طرح جون ڊيوٽيون ختم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته 200 ارب رپين جي ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي، ان جو بنيادي مقصد اهو آهي ته اسان جي زراعت ۾ موجود هارين ۽ ننڍن زميندارن وٽ رقم اچي، هن چيو ته اڄ وزيراعظم 150 ارب رپين جي پروگرام جي شروعات ڪندو، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي في گهر 12 هزار رپيا ڏنا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.