ايران ۾ وائرس کان پوءِ هزارين زائرين جي واپس اچڻ ۾ مدد ڪئي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا کان پوءِ قُم ۽ ايران جي ٻين حصن مان آيل زائرين جي پاڪستان آمد ۾ مدد ڪئي وئي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت سرحد بند آهي پر پنهنجي هم وطنن جي سرحد تي اچڻ کان پوءِ اِها اسان جي ذميواري آهي ته انهن کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيون.

هن چيو ته لاڳاپيل انتظاميا تفتان سرحد تي پاڪستان طرفان سمورين سهولتن کي اپ گريڊ ۽ مضبوط ڪري رهي آهي، جيئن ته هن وقت غير معمولي صورتحال آهي ان ڪري اِها ٻڙي کان شروع ڪرڻ جي برابر آهي.

ترجمان موجب قُم ۽ ايران جي ٻين حصن ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کان پوءِ هزارين زائرين جي سرحد پار اچڻ ۾ مدد ڪئي وئي آحي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت ۽ ايران ۾ اسان جو مشن زائرين جي معاملي تي مسلسل ايراني حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ اِهي گڏجي ڪم شروع ڪرڻ تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.