چين: جهنگ ۾ خوفناڪ باهه وسائڻ دوران 19 اهلڪار سڙي فوت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي جهنگن ۾ خوفناڪ باهه کي وسائڻ دوران اوچتو هوا جو رخ تبديل ٿيڻ تي فائر بريگيڊ جا اهلڪار شعلن جي وڪوڙجي ويا ۽ سڙي فوت ٿي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب چين جي صوبي سيچووان جي جهنگن ۾ باهه لڳي هئي جنهن کي وسائڻ جي لاءِ فائر بريگيڊ جو عملو مصروف هو ته ان دوران اوچتو هوا جو رخ تبديل ٿي ويو جنهن جي ڪري باهه جي شعلن اهلڪار کي ساڙي ڇڏيو. اهلڪارن پاڻ کي بچائڻ جون سموريون ڪوششون ڪيون پر هو ناڪام ثابت ٿيا.

فائر بريگيڊ جو وڌيڪ عملو پنهنجي ساٿين کي بچائڻ جي لاءِ پهتو هو پر تيستائين باهه جا بلند شعلن جي وچ ۾ ڦاٿل اهلڪار باهه ۾ خراب نموني سڙي چڪا هئا، سڙي فوت ٿيلن ۾ فائر بريگيڊ جو عملو ۽ جيوت کاتي جو گائيڊ به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.