شهباز شريف ۽ بلاول جو ڪورونا وائرس جي بحران تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ن ليگ جي ترجمان موجب مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڪورونا وائرس کان بچاءُ بابت سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس عالمي وبا آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن سان ئي شسڪت ڏئي سگجهي ٿي.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي بحران تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

ترجمان موجب ن ليگ جي صدر مخالف ڌر اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، سراج الحق ۽ محمود خان اچڪزئي سان به رابطو ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جي حوالي سان گڏيل مطالبن تي اتفاق ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.