ايران ۽ افغانستان مان 90 هزار ماڻهن جو بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو انڪشاف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 29 مارچ تائين ايران ۽ افغانستان مان 90 هزار 192 ڄڻن جي ملڪ اندر داخل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آحي.

رپورٽ موجب 29 مارچ تائين ڪوئيٽا ايئرپورٽ تان 12 هزار 938 ڄڻا، تربت ڪيچ ايئرپورٽ تان 174، تربت ريدگ پوائنٽ تان 218، گوادر گبد پوائنٽ تان 131 ۽  تفتان بارڊر تان 6 هزار 428 ڄڻا پاڪستان ۾ داخل ٿيا.

ٻئي پاسي چمن بارڊر قلعه عبدالله مان 67 هزار 27، زوب بارڊر تان 513، پنج پائي بارڊر تان 2 هزار 266 جڏهن ته پشين بارڊر تان 155 ڄڻا بلوچستان ۾ داخل ٿيا آهن. انهن سمورن ماڻهن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي جڏهن ته اِهي سمورا ماڻهو افغانستان مان داخل ٿيا آحن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.