ايران ۾ ڦاٿل زائرين کي واپس آڻڻ جي لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڦاٿل زائرين کي واپس آڻڻ ۽ تفتان بارڊر تي زائرين کي طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

مجلس وحدت المسلمين جي وائس چيئرمين سيد ناصر عباس شيرازي طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت، بچاءَ واري وزارت ۽ چيئرمين پيمرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هزارين زائرين ايران ۾ ڦاٿل آهن جن جي ويزا جو مدو ختم ٿي چڪو آهي يا ختم ٿي رهيو آهي، زائرين کي ايران جي ويزا جاري ڪئي وئي پر هاڻ انهن کي واپس پاڪستان آڻڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، ڌرين جي آئيني ذميواري آهي ته زائرين جي حفاظت سان وطن واپسي جا بندوبست ڪن.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته حڪومت پاڪستان جي زائرين کي واپس آڻي ۽ عدالت حڪومت کي زائرين کي فوري واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.