ايل پي جي جي قيمت ۾ 40 رپيا في ڪلو گهٽتائي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

اوگرا اپريل جي لاءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن جي تحت ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 39 رپيا 22 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي ۽ اپريل جي مهيني لاءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 463 رپيا 17 پيسا گهٽ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ 11.8 ڪلو گهريلو سلينڊر 1067 رپين جو ٿي ويو آهي، مارچ ۾ 11.8 ڪلو گهريلو سلينڊر جي قيمت 1530.17 رپيا مقرر هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.