غير تصديق ٿيل ٽيسٽنگ ڪٽن واري معاملي تي اين ڊي ايم اي جو فواد چوڌري کي جواب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر ميجنمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي غير تصديق ٿيل ٽيسٽنگ ڪٽس بابت وارننگ تي وضاحت ڏئي ڇڏي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي کي وارننگ ڏيڻ چاهيان ٿو، وائرس جي غير تصديق ٿيل ٽيسٽنگ ڪٽن جي ڀرمار ٿي رهي آهي.

ان حوالي سان اين ڊي ايم اي به ٽوئيٽر تي فواد چوڌري کي وضاحت ڪندي چيو ته ڪورونا ٽيسٽ ڪٽون چين مان پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي اچي رهيون آهن ۽ اِهي  ڪٽون چيني حڪومت کان تصديق ٿيل آهن، غير تصديق ڪٽن جو ڪو به دارومدار ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.