ڀارت: تبليغي جماعت ۾ شرڪت ڪندڙ 27 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس، 7 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي ڪري 21 ڏينهن جي سخت لاڪ ڊائون جي باوجود ڀارت ۾ ماڻهو گڏ ٿيا ۽عوام طرفان گهرن مان نڪرڻ جون سامهون اچي رهيون آهن.

اهڙي خبرن موجب حڪومت طرفان پابندي هڻڻ جي باوجود راڄڌاني نئين دهلي ۾ اسلامي عالمي تبليغي جماعرت جو ٽن ڏنهن وارو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ شامل ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب حڪومت انگن اکرن ۽ ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي علائقي ناظم الدين واري علائقي ۾ عالمي تبليغي جماعت جو ٽن ڏينهن وارو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سميت ڀارتي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيل ماڻهن جي حتمي انگ جي تصديق ناهي ٿي سگهي پر ان ۾ شرڪت ڪندڙ جو انگ 3400 تائين هو جنهن ۾ گهڻو ڪري پرڏيهي هئا.

حڪومت 25 مارچ تي نظام الدين تبليغي مرڪز واري علائقي کي سيل ڪري ان کي قرنطينه ۾ بند ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته اُتي رهڻ کان پوءِ هنن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

تبليغي مرڪز ۾ شامل ٿيل ماڻهن جي ٻين رياستن ۾ وڃڻ کان پوءِ هريانا کان وٺي تلنگانه، والاريل ڪشمير کان وٺي انڊمان جزائر، اترپرديش کان وٺي تامل ناڊو، مڌيا پرديش کان وٺي ڪرناٽڪا ۽ آنڌرا پرديش ۾ به تبليغي ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪورونا ۾ مبتلا 7 ڄڻا به ڀارت ۾ ئي فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هڪ والاريل ڪشمير جي شهر سرينگر ۽ باقي 5 تلنگانه ۽ هڪ ڪيرالا ۾ فوت ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.