ٺارو شاهه: نوجوان ماءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

عوامي آواز رپورٽ
ٺارو شاهه: نوجوان ماءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو
عوامي آواز رپورٽ ٺارو شاهه: نوجوان ماءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ٺاروشاهه ۾ نوجوان پنهنجي ماءُ کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ هوءَ فوت ٿي وئي.

ٺارو شاهه جي کوکر محلا وارڊ نمبر 1 ۾ 15 ورهين جي نوجوان دانش کوکر جذباتي ٿي پنهنجي ماءُ ڪنيز کوکر کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد عورت کي زخمي حالت ۾ ٺاروشاھ اسپتال آندو ويو جتي سھولتن  جي کوٽ ھجڻ سبب  کيس نواب شاھ  ريفر ڪيو ويو جيڪا زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي.

نوجوان جي پيءُ سڪندر کوکر جو چوڻ هو ته سندس پٽ جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي جنهن ڪري واقعو پيش آيو.

هوڏانهن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتوآهي ۽  واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.