ڏهرڪي: پورهيت ۽ ڏهاڙي دار طبقي کي گھرن ۾ ماني پهچائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
ڏهرڪي: پورهيت ۽ ڏهاڙي دار طبقي کي گھرن ۾ پڪل برياتي پهچائي وئي
عوامي آواز رپورٽ ڏهرڪي: پورهيت ۽ ڏهاڙي دار طبقي کي گھرن ۾ پڪل برياتي پهچائي وئي

ڏهرڪي ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ٽائون ڪاميٽي وارڊ 5 جي ڪائونسلر ميان منظور احمد قادري  پاران پورهيت ۽ ڏهاڙي دار طبقي کي گھرن تائين  پڪل  ماني پهچائي وئي.

ان موقعي تي ميان منظور احمد قادري، صفدر سليم  ۽ ٻين چيو ته وائرس سبب بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ ذات پات جي جيڪي غريب ۽  مسڪين ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ  پريشان آھن انهن لاءِ صبح شام ٻن وقتن جو کاڌو پهچائڻ  جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪوشش آهي ته  پهچ وارن جي سهڪار سان ڏھرڪي شهر جي سمورن غريبن کي گهر گهر راشن پهچايون جنهن لاءِ ڪوششون جاري آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.